ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي، سنڌ حڪومت پاران لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ انظام ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪي ڊبليو ايس بي شھر ۾ پاڻي جي ورھاست لاءِ روٽيشن سسٽم شروع ڪري ۽ سندن ويب سائيٽ ذريعي ماڻھن کي ٻڌايو وڃي تھ جيئن انھن کي معلوم ٿي سگھي ۽ اھي بھتر طريقي سان پاڻي حاصل ڪري سگھن. ھن چيو تھ ڪٿ ڊبليو ايس بي کي گھرجي تھ اھي سموري نظام کي شفاف طريقي سان ٽيڪ اوور ڪري ۽ ان کي ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگھجي. ھن اھا ڳالھھ اڄ مڪاني ادارن واري کاتي سان ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي، جنھن ۾ 29 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ چوماسي/ شديد برساتن لاءِ تياري ۽ انتظامن سميت شھر ۾ بھتر طريقي سان پاڻيءَ جي ورھاست لاءِ جامع پلان جوڙڻ جي بابت مامرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شھلواڻي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاھھ، ايم ڊي ڪي ڊبليو ايس بي اسد اللھ خان ۽ واٽر بورڊ جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سعيد غني چيو تھ شھر ۾ 918 ايم جي ڊي گھرج جي مقابلي ۾ 406 ايم جي ڊي پاڻي فراھميءَ لاءِ موجود آھي. ان تي وڏي وزير چيو تھ اٽڪل 50 سيڪڙو کوٽ آھي، انڪري پاڻيءَ جي منصفاڻي طريقي ورڇ ٿيڻ گھجي. ھن چيو تھ جھڙي ريت آبپاشي کاتو پاڻيءَ جو ريٽيشن سسٽم آبادگارن کي ٻڌائيندو آھي، مان چاھيان ٿو تھ واٽر بورڊ بھ ورڇ جو روٽيشن سسٽم جوڙي عوام کي آگاھھ ڪري. ھن چيو تھ ھن وقت ڪجھھ علائقا باقاعدگيءَ سان پاڻي حاصل ڪري رھيا آھن ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترائي ڏينھن انتظار ڪرڻ پئجي وڃي ٿو جيڪا چڱي ڳالھھ نھ آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس تصديق ٿيل رپورٽس آھن تھ وال مين پاڻمرادو پاڻي ورھاست جو سسٽم بڻائي ويٺا آھن. ھن صوبائي وزير بلديات کي چيو تھ وال مين ڪنھن کي فيور ڏيڻ ۾ ملوث آھن تھ انھن جي نشاندھي ٿيڻ گھرجي ۽ سندن خلاف ڪرمنل ڪيس پڻ داخل ڪري سگھجي ٿو. ھن ايم ڊي ڪي ڊبليو ايس بي اسداللھ خان کي چيو تھ ھُو ھڪ تفصيلي روٽيشن پلان پنھنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪري تھ جيئن ماڻھن کي خبر پئجي سگھي تھ اھي ڪڏھن پاڻي حاصل ڪندا. ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تھ غيرقانوني پاڻي جا ڪنيڪشن ۽ چوريءَ خلاف بھ ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن چيو تھ اھو ڪي ڊبليو ايس بي لاءِ ھڪ وڏو چئلنج آھي ۽ ان کي کين منھن ڏيڻو آھي. وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير تي زور ڀريو تھ ھُو واٽر بورڊ جي انجنيئرن کي پاڻيءِ جي ورھاست واري نظام کي اپ گريڊيشن ۽ مناسب طريقي سان سارسنڀال ڪرڻ لاءِ پابند ڪري تھ جيئن 30 سيڪڙو لائين لاسز/ چوري تي ضابطو آڻي سگھجي. ھن چيو تھ جيڪڏھن اوھان 30 سيڪڙو پاڻي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندا تھ اوھان 174 ايم جي ڊي پاڻي بچائڻ جي قابل ٿيندا جيڪا ھڪ وڏي ڪاميابي آھي.

تيز برساتون:

وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ ميٽ ڊپارٽمينٽ شھر ۾ 29 جولائي کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آھي انڪري ضروري انتظامن بشمول نالن جي صفائي، نيڪاليءَ واري نظام جي مناسب ريت مينٽيننس ۽ روڊن جي مرمت بھ لازمي ھئڻ گھرجي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي مڪاني ادارن واري وزير ٻڌايو تھ سنڌ حڪومت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي گذريل سال نالن جي صفائيءَ لاءِ 500 ملين رپيا ڏنا ھئا. ڊي ايم سيز کي بھ 250 ملين رپيا ڏنا آھن. ڪي ايم سي جي ڪنٽرول ھيٺ شھر ۾ 16 نالا آھن. وڏي وزير چيو تھ ڪراچي ۾ جتي پاڻي رڪجڻ وارا ھنڌ آھن انھن کي درست ڪيو وڃي. سعيد غني چيو تھ نالن جي صفائي ۽ رنڊڪن وارا ھنڌ يڪ ڪيا ويا آھن. وڏي وزير سيڪريٽري بلديات کي ھدايت ڪئي تھ جن نالن جي صفائي ڪئي وئي آھي ۽ وڌيڪ جيڪي صاف ڪرڻ گھرجن انھن جو ورڪ پلان ڪي ايم سي کان ورتو وڃي. وڏي وزير چيو تھ شھر ۾ 17 نڪاسي آب وارا نالا آھن جيڪڏھن انھن کي صاف رکيو وڃي تھ شھر ۾ پاڻي نھ بيھندو. ھن وڌيڪ چيو تھ ھر نالي جي پروفائل بڻائي، جنھن ۾ ان جي ڊيگهھ، چوڪنگ پوائنٽس، حددخليون، ڪچا پڪا ھنڌ ۽ ڪيپسٽي وغيرا شامل ھجي. وڏي وزير سيڪريٽري بلديات کي وڌيڪ ھدايت ڏني تھ اھا پروفائلنگ ڪري مون ڏانھن موڪلي وڃي ۽ مڪمل پروفائلنگ ڪري ۽ صفائي جو ورڪ پلان بڻائي سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي ۽ ضروري فنڊ حاصل ڪيا وڃن. وڏي وزير وزير بلديات کي ھدايت ڪئي تھ برساتن کي ڏسندي سمورن ڊي ايم سيز ۽ ڪي ايم سي ادارن کي متحرڪ ڪيو وڃي. وڏي وزير ڪي ڊبليو ايس بي تي زور ڀريو تھ اھي بلڪ ٽرانسميشن سسٽم، ڪينالز، سائفن، ڪنڊيوٽس ۽ ڌاٻيجي، گھارو، پپري ۽ اين اي ڪي پمپنگ اسٽيشنز ۽ فلٽر پلانٽس وارن علائقن ۾ واقع ٻين ھنڌن تي پيٽرولنگ شروع ڪئي وڃي. ھن چيو تھ پمپنگ اسٽيشنز تي بجلي معطل ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور تي ڪي اليڪٽرڪ کي شڪايت ڏني وڃي تھ جيئن پمپنگ اسٽيشن بھتر ۽ روان طريقي سان ڪم ڪري سگھن. ايم ڊي واٽر بورڊ وڏي وزير کي ايندڙ امڪاني تيز برساتن جي حوالي سان سندس تياريءَ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *