ڪراچي ۾ بل بورڊ لڳائڻ بابت سپريم ڪورٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بل بورڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت جي ايم سي سميت 17 ٻين ادارن کان بل بورڊ لڳائڻ جي قانونن بابت رپورٽ 3 هفتن ۾ طلب ڪري ورتي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بل بورڊ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ميونسپل ڪمشنر مسعود عالم عدالت ۾ بيان ڏنو ته ڪي ايم سي وٽ شارع فيصل تي بل بورڊ جي مد ۾ 85 ڪروڙ روپين جو ٺيڪو آهي شارع فيصل تي ڪل 6 ادارن وٽ اشتهارن لاءِ سائن بورڊ ڏيڻ جو اختيار آهي جسٽس امير هاني مسلم استفسار ڪيو ته 85 ڪروڙ روپين لاءِ جيتري مرضي چاهي جانيون لي وڃن ڪابه پرواهه ناهي عدالت حڪم ڏنو ته ڊپٽي اٽارني جنرل وفاق کان ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ صوبائي حڪومت کان بل بورڊ لڳائڻ جي طريقيڪار ۽ قانونن جا تفصيل عدالت ۾ پيش ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *