ڪراچي ۾ برسات، 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، بجلي غائب، روڊن تي پاڻي جمع، عوام پريشان

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيل هلڪي برسات شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، جڳهه جڳهه تي پاڻي جمع ٿي ويو، ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، روڊ پسيل هئڻ ڪري موٽر سائيڪلون سلپ ٿيڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي  پيا،  هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي سبب اڌ شهر اونداهي ۾ ٻڌي ويو، ڪيترن ئي هنڌن تي 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي،  ڪراچي ۾ رات وقفي وقفي سان بارش جو سلسلو جاري رهيو، موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ مينهن لانڍي ۾ 31 ملي ميٽر ريڪارڊ  ڪيو ويو. گلستان جوهر ۾ 29، نارٿ ڪراچي 6، ناظم آباد ۾ 10، پي ايف بيس، فيصل ۽ مسرور بيس جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 12 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪيو ويو. حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار ۾ برسات کان بعد مرڪزي شاهراهون شاهراهون ندين نالن جو منظر پيش ڪرڻ لڳيون. پنجاب جي شهر لاهور، گوجرانوالا، سرگوڌا، وهاڙي، پوري والا، ميسلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل رات کان برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. ملڪ جي مٿين علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، ڪالام ۽ مالم جبا ۾ وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي، مياندم ۽ مرغزار جي پهاڙن تي به برفباري ٿي رهي آهي، شديد ترين برفباري سان ڪالام اتروڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو . موسميات کاتي موجب سومر کان اربع تائين مالاکنڊ، هزارا ڊويزن  ۾ وچولي بارش جو امڪان آهي ۽ اڄ پشاور، مردان، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور ڊويزن، سرگودا، فيصل آباد، بهاولپور،ملتان، ساهيوال، ميرپرخاص ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي

بلديات جي صوبائي وزير سعيد غني لاڳاپيل ادارن کي 2 ڪلاڪن اندر روڊن ۽ گھٽين پاڻي ڪڍڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪوتاهي ڪرڻ تي آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا وڃن. سعيد غني چيو ته ڪوتاهي ڪرڻ تي آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويندا. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني ڊپٽي ڪمشنرز جي فيلڊ ۾ رهي ۽ پنهنجي ضلعي ۾ عوام جي سهولت لاءِ ڪم ڪري. وڏي وزير چيو ته برسات جي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائين، ٽريفڪ جي راونگي لاءِ ٽريفڪ پوليس عوام جو خيال رکي جڏهن ته بلديات وزير سعيد غني کي روڊن جي صفائي جو ڪم شروع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *