ڪراچي ۾ باهه لڳڻ وارن حادثن ۾ اضافي ۽ ٻين حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي انتظام ڪيا وڃن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ باهه لڳڻ وارن حادثن ۾ اضافي ۽ ٻين حادثن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي انتظام ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري بلديات، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن ڪراچي جي سمورن فائر ٽينڊرز  کي جديد سامان سان ليس ڪرڻ سان گڏوگڏ فائر ٽينڊرز، اسنارڪلز ۽ ٻئي سامان کي مڪمل طور تي استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ جلد ئي شهر لاءِ نوان فائر ٽينڊرز ۽ فائر مينز جي حفاظت لاءِ سامان جي خريداري جو عمل شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. هن سيڪريٽري بلديات کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ ان حوالي سان رپورٽ کيس پيش ڪري. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات شازيه رضوي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مسعود عالم ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. وزير بلديات شرجيل انعام ميمڻ ٽمبر مارڪيٽ سانحي ۽ گذريل ڏينهن نيشنل هائي وي تي لنڪ روڊ تي ٿيل خوفناڪ حادثي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان موقعي تي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز صوبائي وزير کي ٻڌايو ته بس حادثي کان پوءِ کيس 12 لڳي 45 منٽن تي اطلاع مليو ان کان پوءِ 12 لڳي 48 منٽن تي لانڍهي فائر اسٽيشن مان ٻه گاڏيون جڏهن ته ان کان فوري بعد وڌيڪ 4 فائر ٽينڊرز کي واقعي واري هنڌ روانو ڪيو ويو. پر رستي جي خراب حالت ۽ ٽريفڪ جام هئڻ باوجود به 35 منٽن اندر اندر فائر ٽينڊر واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا پر باهه جي شدت سبب ايتري  وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموري شهر ۾ فائر اسٽيشنن کي جديد سامان ۽ خاص ڪري ڪميونيڪيشن جي سامان سان فوري طور تي آراستا ڪيو وڃي  ته جيئن هنگامي صورتحال جو وقت سر اطلاع ملي سگھي. هن چيو ته سموري شهر جي فائر اسٽيشنن تي موجود فائر ٽينڊرز ڪنهن به ڪارڻ سبب بيڪار آهن يا انهن جي مرمت گھربل آهي ته ان جي رپورٽ کيس ٽن ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي. گڏوگڏ شهر لاءِ نوان فائر ٽينڊر خريد ڪرڻ ، شهر ۾ ڳتيل آبادي ۽ سوڙهين گھٽين تائين فائر ٽينڊرز جي رسائي جي حوالي سان ننڍن فائر ٽينڊرز جي خريداري ۽ پاڻي جي وقت تي فراهمي سميت ٻئي حوالي سان رپورٽ ايندڙ ٽن ڏينهن اندر کيس ڏني وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير فائر برگيڊ تي مقرر سموري عملي جي حاضري کي يقيني بڻائڻ، سموري فائر اسٽيشنن تي موجود عملي کي خبردار رهڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رسپانس جي هدايت جاري ڪئي. اجلاس ۾ شهر ۾ صفائي سٿرائي، سيوريج ۽ ٻين معاملن جو به جائزو ورتو ويو ۽ سمورن اعليٰ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته هو ان سلسلي ۾ فوري طور تي شهر ۾ صفائي سٿرائي جي انتظامن کي يقيني بڻائين ۽ ڪنهن به شڪايت تي انهن خلاف ڪا ڪارروائي ٿئي ان کان بچن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *