ڪراچي ۾ ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽ لڳائڻ چاهيون ٿا، وفاقي حڪومت گيس جي ڪوٽا مختص ڪري: وڏو وزير

ڪراچي (هه.آ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ان جي حڪومت ڪراچي ۾ ايل اين جي تي هلندڙ 1200 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ قائم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. جنهن لاءِ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو انهيءَ لاءِ گيس جي ڪوٽا مختص ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ پرائم منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهين ۾ ڪيو. وڏي وزير سنڌ صوبي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ هلندڙ مختلف مسئلن بابت وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي مان جاري ٿيندڙ هڪ بيان ۾ چيو ويو ته ٻنهي جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ صوبي جو وفاق بابت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي رٿا ڪراچي جي ماڻهن لاءِ گهڻي اهميت رکندڙ آهي. ۽ ان کي سي ڊي ڊبليو پي کان ڪيلئر ڪرايو ويو آهي. هاڻي انهيءَ جي فقط ايڪنيڪ (ECNEC) کان منظوري هئڻ باقي آهي جيڪو بيوروڪريسي سبب تاخير جو شڪار بڻيل آهي. ۽ هڪ آفيس کان ٻئي آفيس ڏانهن چڪر لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سان صوبائي حڪومت پاران فائل جو بار بار اچڻ وڃڻ فقط ۽ فقط وقت جو زيان آهي. هن چيو ته آئون سيپٽمبر جي آخر تائين انهيءَ منصوبي کي شروع ڪرڻ گهران ٿو تنهن ڪري انهيءَ جي جلد کان جلد منظوري ضروري آهي. ۽ انهيءَ کي چيني اٿارٽيز کان پڻ سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ موڪلڻو آهي. وزيراعظم وزيراعليٰ سنڌ کي پڪ ڏيندي چيو ته هو ذاتي طور انهيءَ جي منظوري بابت دلچسپي وٺندو. هن چيو ته اهو پهرين کان ئي سي پيڪ رٿائن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ لوڊشيڊنگ جي مسئلن تي وزيراعظم جو ڌيان ڇڪرايو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندن حڪومت ڪراچي ۾ ايل اين جي تي 1200 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. هن چيو ته آئون شڪرگذار هوندس جيڪڏهن اوهان (وزيراعظم) وزارت پيٽروليم کي انهيءَ منصوبي لاءِ ايل اين جي جي ڪوٽا منظوري ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيو. هن چيو ته انهيءَ سان منصوبي جي سي ڊي ڊبليو پي جي منظوري ۾ مدد ملندي ۽ انهيءَ جي ٽيرف بابت پڻ مدد ملندي. سنڌ حڪومت کي نيپرا پاران ٽيرف فڪس ڪرڻ ۽ اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ وزيراعظم جي مدد گهربل هوندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هو پاور پلانٽ جي تنصيب جي حوصله افزائي ڪندو. هن چيو ته لوڊشيڊنگ هڪ قومي مسئلو آهي ۽ هو صوبن کي پنهنجن پاور پلانٽ لڳائڻ بابت هر ممڪن مدد ڪندو. هڪ ٻيو مسئلو جيڪو وڏي وزير صوبي جي مختلف ضلعن ۾ بند پيل ننڍن پاور پلانٽ وارو مسئلو پڻ وزيراعظم آڏو کنيو.  نيپرا سندن ٽيرف بابت فيصلو ڪيو ته جڏهن انهن جي تنصيب ٿي رهي هئي پر بيد ۾ هو پنهنجي انهيءَ فيصلو کان پوئتي هٽي. تنهن ڪري خانگي ڪمپنيون جيڪي ننڍا پاور پلانٽ لڳائي رهيون هيون انهن پنهنجو فيصلو ترڪ ڪري ڇڏيو. وڏي وزير وزيراعظم کان درخواست ڪئي ته هو انهيءَ معاملي ۾ ذاتي طور مداخلت ڪندي ٽيرف جو فيصلو ڪرائي. هن چيو ته اهيءَ سان مقامي سطح تي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم وڏي وزير کي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. وڏي وزير وزيراعظم تي زور ڏنو ته هو صوبي ۾ قدرتي گيس جي مسئلن کي پڻ حل ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *