ڪراچي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن آفيسر تي قاتلاڻو حملو، 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن آفيسر نويد خواجه قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ رهيو شهر ۾ پوليس جي مختلف ڪارروائين دوران پابندي مڙحيل تنظيمن جا ٻه ڪارڪن مارجي ويا جڏهن ته 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن نويد خواجه تي قاتلاڻو حملو ڪيو يوو جنهن ۾ هو محفوظ رهيو، ايس ايس پي انويسٽيگيشن نويد خواجه هاءِ پروفائيل ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي مومن آباد ۾ پوليس مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 ڪارڪن مارجي ويا، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، سرجاڻي ٽائون ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ ڪيترين ئي وارداتن ۾ گهربل جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، مڇر ڪالوني ۽ سلطان آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائيم جي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جيل چورنگي پل تي پوليس موبائيل تي ڪريڪر اڇلايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *