ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ تائين دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رهندو: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل رات مشرف ڪالوني ڪراچي ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگرد عابد مڇر ۽ ان جي ساٿين جو رينجرز سان مقابلي ۾ مارجڻ واري واقعي کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي رينجرز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ان ڪارروائي ڪرڻ تي شاباس ڏني آهي۽ انهن جي ان ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نگراني هيٺ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان آپريشن جي دوران وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن ۽ هن پنهنجي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت جو اهو ٽارگيٽڊ آپريشن دهشتگردن جي مڪمل خاتمي ۽ ڪراچي ۾ امن جي قيام تائين جاري رهندو ۽ ڪنهن به دهشتگرد ۽ ڏوهاري کي نه بخشيو ويندو ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪڙي سزا ڏياري ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *