ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي پوليس جي لٺبازي، واٽر ڪينن جو استعمال

ڪراچي (اين اين آءِ/ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ريڊ زون جنگ جو ميدان بڻجي ويو، آبادگارن ۽ هارين پاران بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش تي پوليس لٺبازي، شيلنگ، واٽر ڪينن جو استعمال ۽ ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، تفصيل موجب سومر تي آبادگارن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي، انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي احتجاجي آبادگارن بلاول هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هنگامو ٿيو، پوليس پاران لٺبازي، ٺونشا ۽ پٿر وسايا ويا، آبادگارن جي پٿراءَ تي پوليس به کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي، سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس اهلڪارن ڪيترن ئي مظاهرين کي تحويل ۾ بورڊ بيسن ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ سبسڊي جو طريقي ڪار طئي ئي ناهي ٿيو ۽ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، بلاول صاحب حڪم ڏنو آهي ته گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ سهيل انور سيال چيو آهي ته شگر ملن طرفان زور زبردستي جي ڪا شڪايت ناهي ملي، شگر ملون اسان کي بليڪ ميل نه ٿيون ڪري سگهن، ايڪٽ تحت وڌيڪ 4 ڏينهن تائين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي پر انهن نه مڃيو، سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاق کان مطالبو ڪنداسين ته پاليسي جلد کان جلد اسان تائين پهچائي، اسان آءِ جي معاملي تي وفاق کي خط لکيو هو، جواب جو انتظار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *