ڪراچي ۾وڌيڪ 72 ڄڻا فوت، انگ 1117 ٿي ويو، جاني نقصان جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم

اسلام آباد/ڪراچي(بيورو/اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سخت گرمي وگهي اڄ به ماڻهو مرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ 17 ماڻهن جي فوتين ٿيڻ بعد 24 ڪلاڪن دوران 72 ماڻهو موت جي منهن هلي ويا، ستن ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 11 سئو 17 ٿي ويو آهي، ٿرپارڪر، حيدرآباد ۽ نوابشاهه سميت ٻين علائقن ۾ به فوتين جو انگ 74 تائين پهچي ويو آهي. ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي،جهولو لڳڻ ۽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا. جناح اسپتال ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا،سول اسپتال ۽ سنڌ گورنمينٽ اسپتالن ۾ 3 – 3 مريضن دم ڏنو جڏهن ته ڪي ايم سي ۽ قطر اسپتالن ۾ هڪ – هڪ مريض فوت ٿيو. ستن ڏينهن دوران قهر جي گرمي ۾ وڌيڪ 17 ڄڻن جي فوت ٿيل شهرين جو انگ 11 سئو 17 ٿي ويو آهي. جناح اسپتال،ڪي ايم سي، سول، لياقت نيشنل اسپتال، قطر ، ضياءُ الدين، دل جي بيمارين واري اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ۽ ٻين اسپتالن ۾ گرمي سٽيل مريضن جو علاج هلندڙ آهي. ٻئي طرف ٿرپارڪر، حيدرآباد ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پڻ سخت گرمي سبب فوتين جو انگ 74 ٿي ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته قوت مدافعت ۾ گهٽتائي سبب ماڻهو سولائي سان لـُڪ جو شڪار ٿي وڃن ٿا،تنهنڪري عوام گرم موسم ۾ بنا ڪنهن سبب جي گهرن کان ٻاهر نه نڪري ۽ پاڻي سان هر هر منهن ڌوتو وڃي. ڊاڪٽرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته روزي رکڻ ۽ کولڻ وقت وڌ کان وڌ پاڻي استعمال ڪيو وڃي ۽ گرم شين جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي وزيراعظم ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ٿيل جاني نقصان جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏي، وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، سائره افضل تارڙ ۽ ٻيا جناح اسپتال ڪراچي پهچي ويا، سخت گرمي کان متاثر مريضن جي عيادت ڪئي، اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايترا ماڻهو ڪيئن مئا آهن ان جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي. وفاقي حڪومت کي ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب ٿيل فوتگين جو نيٺ خيال اچي ويو، سيفران جي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، صحت واري وزير سائره افضل تارڙ ۽ ٻين جناح اسپتال ڪراچي پهچي گرمي سبب متاثر ٿيل مريضن جي عيادت ڪئي. جناح اسپتال جي انتظاميه وفاقي وزيرن کي مريضن جي حالت ۽ ٿيل فوتگين بابت آگاهي ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزيرن چيو ته وزيراعظم ڪراچي ۾ ٿيل فوتگين جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي، هو ٿيل جاني نقصان جي جاچ لاءِ ڪراچي آيا آهن. هنن چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل جاني نقصان تي وزيراعظم کي سخت افسوس آهي، معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ته ايڏي وڏي پئماني تي جاني نقصان ڪيئن ٿيو آهي……..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *