ڪراچي ۽ لاهور ۾ 2 جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي

اسلام آباد(بيورو) لاهور ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 ڏوهارين کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ ڦاهي ڏنل ڏوهارين جو تعداد 19 ٿي ويو آهي. پي ٽي وي جي رپورٽ مطابق حڪومت طرفان موت جي سزا تان پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڦاهي جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن لاهور ۽ ڪراچيءَ جي جيلن ۾ وڌيڪ 2 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ڦاهي ڏنل ڏوهارين جو تعداد 19 ٿي ويو آهي. لاهور ۾ زاهد عرف زادو کي ملتان ۾ آءِ ايس آءِ غلام رسول سميت 2 ڏوهارين کي قتل ڪرڻ جڏهن ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ محمد سعيد تي الفلاح ٿاڻي جي ڊي ايس پي صادق حسين شاهه ۽ سندس پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *