ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سنڌ ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي وئي، قومي عيد تي سنڌ رهي آباد جو دعائون، ڪراچي ۾ لکين سنڌن جو سمنڊ اٿلي پيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سموري سنڌ پنهنجي ايڪتا جي لڙي ۾ پوئجي وئي آهي، هر پاسي ثقافتي رنگ جرڪي پيا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي ڀائر به ايڪتا جي قومي عيد ڀرپور نموني ملهائي رهيا آهن. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر ڪارونجهر تائين سموري سنڌ پنهنجن سان ايڪتا جي قومي ڪاڄ جي موقعي تي ثقافتي رنگن ۾ رڱجي وئي آهي، هر پاسي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو پهريل ماڻهو پنهنجي ايڪتا جو ڏهاڙو قومي عيد جيان ملهائي رهيا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ نواب شاهه ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ننڍا توڙي وڏڙا عيد جي خوشين ۾ سرها نظر اچي رهيا آهن ۽ هڪٻئي کي قومي عيد جون واڌايون ڏئي رهيا آهن. تقريبن ۾ قومي گيتن تي رقص سان گڏ ٽوپي اجرڪ پهريل نوجوان ريليون ڪڍي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. قبائلي ۽ برادرين جا جهيڙا جهٽا ختم ڪري، خانداني ويڇا وساري ۽ ننڍڙي ڳالهه تي ڪاوڙ ڪشمت ختم ڪري ماڻهو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي قومي ڪاڄ جون مبارڪون ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي سمورن ضلعن توڙي هيڊڪوارٽرز ۾ پنهنجي ايڪتا جون مرڪزي تقريبون ٿي رهيون آهن، جتي ڀلوڙ فنڪار سُريلي آواز ۾ قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.ايڪتا جي موقعي تي هر ماڻهو اِنهي عزم جو اظهار ڪري رهيو آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي، ساهه جي قرباني ڏئي به ڌرتيءَ ماءُ جو تحفظ ڪيو ويندو، ڌرتيءَ جي نياڻين جو تحفظ ڪيو ويندو، تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ ايڪتا جو مظاهرو ڪيو ويندو، سنڌ ڌرتيءَ تي هر طبقي سان ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو ۽ سنڌ کي امن جو گهوارو بڻايو ويندو. حيدرآباد ضلعي ۾ به ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، هر پاسي اجرڪ ۽ ٽوپين جي بهار آهي، شاگرد ٽولين جي صورت ۾ رستن تي نڪري آيا، ٽنڊو رحيم ۽ آسپاس جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، هزارين پاران ريليون ڪڍيون ويون آهن، مسڻ جي مختلف ڳوٺن مان ٽنڊوالھيار پريس ڪلب تائين ريليون ڪڍيون ويون، سڄي سنڌ جيئان مسوڀرڳڙي پڻ ايڪتا جي رنگن سان رنگجي ويو،  مسوڀرڳڙي پريس ڪلب جي طرفان ايڪتا ريلي ڪڌي ايڪتا ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، قومي گيتن تي رقص ڪيوويو.سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ چوڪ تي مختلف سنڌي چينلن پاران مُک تقريب ڪوٺائي وئي،سنڌ جي ناليوارن راڳين ۽ فنڪارن ساجد سوز سانگي، شيراز عباسي، مظهر، عاشق مگسي،۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت رکندڙ ماڻهو ريلين جي صورت ۾ مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ثقافت، سياحت، اينٽي ڪئيٽي ۽ آرڪائيز کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري، ڊي جي منظور قناصرو ڊائريڪٽر ثقافت روشن قناصرو سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. هڪ پنهنجي ايڪتا جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي دورو ڪيو ويو. سيڪريٽري ۽ ڊي جي ثقافت اسٽوپا ۽ سائيٽ تي ڪيل ڪم جو معائنو ڪيو. وارث ڏنو ماڇي ۾ پنھنجي ايڪتا، پنھنجـي ثقافت جي عنوان هيٺ مهراڻ ماڊل اسڪول پاران ريلي ڪڍي وئي، ريلي دوران شاگردن سنڌي گيتن تي رقص پڻ ڪئي. هو جمالو تي پڻ رقص ڪيو ويو. ڊکڻ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاندار مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، صوفي راڳين سنڌي ٻوليءَ جي گيت صوفي جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ، هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيوآ، سنڌي ٽوپي شان اسان جي آ،سنڌي ماڻھو روح جا راڻا، آھن موتي داڻا ۽ٻيا ڪيترائي سنڌي گيت ڳائي ڀرپور داد حاصل ڪيو. سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي تي پوري سنڌ جيان سکر واسي به پنهنجي ايڪتا وارو ڏوهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن. نوجوان، پيرسن توڙي معصوم ٻارڙا سنڌي ثقافتي ويس وڳا، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ، صاف سٿرا ڪپڙا پهري مختلف هنڌن کان ريلين جي شڪل ۾ ايڪتا ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائي رهيا آهن، سکر شهر جي روڊن، رستن، محلن ۽ گهٽيون سنڌ جي ثقافتي رنگ ۾ رڱيل آهن، ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مک تقريب سکر پريس ڪلب ٻاهران رکي وئي آهي جِتي سياسي، سماجي، برادري توڙي مختلف تنظيمن طرفان ريلين جي صورت ۾ توڙي سنڌي نوجوان پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري پهچي رهيا آهن.  دادو ضلعو به ثقافت جي رنگن ۾ جرڪي پيو، هر ماڻهو اجرڪ، ٽوڪي ۽ پٽڪا پهري رستن تي نڪري آيو، خيرپورناٿن شاھ ۾ پنهنجي ايڪتا جي حوالي سان سڄو شھر ٻھڪي اٿيو، مهراڻ پريس ڪلبخيرپورناٿن شاھ پاران شاندار تقريب ٿي گذري،شهري ايڪشن ڪاميٽي، ايس ٽي پي، ايس يو پي، گسٽا، جي يو پي، جسقم، مسلم فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن وڪيلن استادن شاعرن اديبن سگهڙن ۽ واپارين سميت وڏي تعداد ۾ معزز شخصتين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ فنڪارن فقير عمران، عاشق بخت گاڏھي سنڌي گيت ڳائي پنڊال کي جهومائي ڇڏيو.ميهڙ ۾ پنهنجي ايڪتا ۽ هڪ سنڌ ۽ هڪ ثقافت ڀرپور نموني ملهايو ويو، امن فائونڊيشن، سوشل ميڊيا ڪلب ميهڙ، سنڌ پريس ڪلب ۽ ٻين تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون، نوجوانن، شاگردن ۽ ٻارن طرفان ريلين ۾ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. جوهي ۾ ايڪتا ڏينھن کي قومي ڏينھن ڪري ملھايو ويو، مختلف سياسي شھري تنظمن واپارين دڪاندارن سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ريليون ڪڍيون، مخدوم بلاول پارڪ پهچي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ڪوٽ لالو ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي، ننڍا وڏا شريڪ ٿيا، ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٽوپيون اجرڪ پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين به شرڪت ڪئي. ڪوٽ لالو جي نوجوانن ٽوپيون ۽ اجرڪ سان گڏ نوان لباس پهري ريلي ڪڍي ۽ شهر جي ڪيترن ئي علائقن جو گشت ڪري پنهنجن کي قومي عيد جون واڌايون ڏيندا رهيا.وارھ ۾ پنهنجي ايڪتا عيد بنا ڪنهن رنگ نسل واري فرق جي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، شاندار ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻھن جي شرڪت، سموري شھر جو گشت ڪيو ويو ، سنڌ جي ٻين شھرن وانگر وارھ ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور موٽ، وارھ پريس ڪلب کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي،سياسي سماجي استادن شاگردن شھرين مزدورن واپارين سميت هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي فاضل راهو چوڪ تي پهتي، ثقافتي گيتن هو جمالو، هن سنڌ جا ٿئي دلير ماڻهو تي رقص ڪري پنهنجي ايڪتا زنده باد جي نعري بازي ڪئي وئي.ٺٽو ضلعو به پنھنجي ايڪتا جي ڏھاڙي جي موقعي تي ٺٽو شهر سنڌي ثقافتي انڊلٺي رنگن سان جرڪي اٿيو ، سنڌ جي قومي گيتن تي پٽڪي، ٽوپي پاتل اجرڪ اوڍيل سنڌين رقص ڪري جھمريون ھڻي ڀرپور نموني سنڌ سان پنھنجي ايڪتا جو اظھار ڪيو. تاريخي بادشاھي شاھجھان مسجد کان پريس ڪلب ٺٽو الف آرگنازيشن طرفان ريلي ڪڍي وئي. قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. سنڌي ثقافتي عيد جي موقعي تي ساهتي ضلعو نوشهروفيروز ثقافتي رنگن ۾ رنڱجي ويو، صبح سان ئي نوجوان، پوڙها پڪا، ٻارڙا نوان ثقافتي ويس اوڍي، ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي ريلين جي صورت ۾ روڊن تي نڪري آيا، مختلف تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو، ٻارڙا توڙي ٻارڙين وڏي انگ ۾ حصو ورتو، نوجوان ڇوڪريون به پوئتي نه رهيون، ثقافتي ريلين ۾ عورتن به شرڪت ڪئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.  ڊگهڙي جي نوجوانن ”نواب گروپ“ جي پليٽ فارم تان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، ريلي شھر جي مختلف روڊ کان ٿيندي پريس ڪلب ڊگهڙي پهتي، شاگردن، شاگردياڻين توڙي ٻارن قومي گيتن تي رقص ڪيو، نوجوانن چيو ته اڄ عيد جو ڏينهن آهي، ثقافتي ڏينهن تي تنقيد اجائي آهي، ثقافتي هزارين سال پراڻي آهي.ٿرپارڪر ضلعي ۾ پنهنجن سان ايڪتا جي سلسلي ۾ ثقافتي ريليون، هزارين ماڻهو ثقافتي رنگ ۾ رڱجي ويا،مٺي شھر جي گهٽي گهٽي پنهنجي ايڪتا ۽ سنڌي ثقافت جي انڊلٺي رنگن جو گلدستو بڻيل، سياسي سماجي تنظيمن، واپارين، شاگردن، ڍاٽ جي راجپوتن سميت مختلف برادرين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي شھر جو گشت جاري آھي، راجپوت برادري پاران ثقافتي لباس ۽ راجستاني پٽڪا پاتل سوين ماڻھن جي راڻا هائوس کان نڪتل ريلي شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندي ڪشمير چوڪ تي پهچي چڪي، قديمي ثقافتي راندين ذريعي شاندار رقص ڪيو ويو، مختلف اسڪولن مان نڪتل ريليون پڻ شھر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي منزلن طرف روان دوان، ريلين جي جشن ۾ شامل نوجوانن پاران ڀرپور نعرا هنيا پيا وڃن، سنڌڙي ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، قومي عيد ڏھاڙي تي صبح ٿيندي سموري سنڌڙي ثقافتي لباس سان جرڪي اٿي، ثقافتي عيد جي ڏھاڙي تي سنڌڙي، ھڱورنو، ڦلھڏيون ۽ گرھوڙ شريف ۾ ننڍن، وڏن، ٻڍڙن، ٻارڙن ثقافتي لباس ٽوپي، اجرڪ، پٽڪا پھري وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي رھيا آھن. ھنڱورنو جي سمورن اسڪولن ۾ تقريبون ھلندڙ آھن،شاگردن پاران سنڌي ثقافت تي ٽيبلوز پيش ڪري رھيا آھن ۽ قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو پيو وڃي. ڇاڇرو ۾ ايڪتا ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي، شهر ڀر ۾ ريليون نڪرڻ جو سلسلو جاري، شهر جي مک چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، شهر ۽ ٿر جي ٻهراڙي جي ڳوٺن کان آيل سوين ماڻهن جي شرڪت، ايڪتا جي حوالي سان ثقافتي لباس پائي ٻارڙن ۽ فنڪارن پاران رقص ڪيو ويو. گهوٽڪي ضلعي ۾ به سموري سنڌ جيان ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، شهر ۾ مختلف تنظيمن طرفان ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، گھوٽڪي جي ھيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۾ “ايڪتا عيد” جي سلسلي ۾ هر پاسي ثقافت رنگ نظر اچڻ لڳا، سياسي، سماجي، شھري اتحاد، ايس ٽي پي، جسقم، پ پ شھيد ڀٽو، پ پ پ، چنا اتحاد، لاشاري اتحاد ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن ريلي ۾ شرڪت ڪئي، قومي گيتن تي نوجوانن، شاگردن، شاگردياڻين رقص ڪيو، سنڌ ڌرتي سان ٻڌي جو اظهار ڪيوويو، خانپورمھــر م پنھنجي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، پنھنجـي ثقافت جي مرڪـزي ريلي ينگ سوشــل فورم پاران مختيار ڪار آفيس کان ڪــڍي ويئي، ريلي گھوٽڪي بس اسٽينڊ تي پھتي، پنھنجي ايڪتا زنده آباد ۽ پنهنجي ثقافت زنده آباد جا نعرا هنيا ويا. جروار ۽ آس پاس جي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي ايڪتا جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جروار ۾ ايس ٽي پي، جروار سجاڳ سٿ ۽ هندو پئجائت طرفان ريلي ڪڍي وئي، پنهنجي ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب اڳيان ٿي، جتي سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽پ ٽڪا ٻڌي سوين ماڻھو شريڪ ٿيا. قومي گيتن تي جهمريون هينون ويون، سڄو ڏينهن شھر ۾ ٽوپي اجرڪ پاتل ماڻھن جا هجوم گهمندا رهيا. نوابشاهه ضلعي ۾ “پنهنجي ايڪتا” ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي، شهر توڙي واهڻ وستين ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ميخانه بيت التصوف جي وشال پنڊال تان سنڌ جي ناميارن صوفي راڳين صوفي فقير ۽ ٻين راڳين صوفياڻا قومي ۽ ثقافتي گيت ڳائي پريس ڪلب پهتا، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، تقريب جي موقعي تي سنڌ جي ناميارن صوفي فقيرن زبردست صوفياڻا، قومي ۽ ثقافتي گيت ڳائي رقص ڪيو، صوفي راڳين جي ڳايل گيتن تي فقير مشتاق ڪرد پير اشفاق آچر فقير، حسين فقير ۽ ٻين رقص ڪيو ۽ ويچار ونڊيا، پنهنجي ايڪتا پنهنجي ثقافت جي سري هيٺ اعلانيل ثقافتي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ شاهپورچاڪر ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تعاون سان هلندڙ فائن فيوچر پبلڪ اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن سنڌي اجرڪ ٽوپيون پائي پٽڪا ٻَڌي قومي ويس اوڍي سنڌي قومي ثقافتي گيتن تي شاندار ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، اسڪولي انتظاميه ۽ استادن شاگردن سنڌي ميڊيا جا ٿورا مڃيا، شھر جا روڊ رستا قومي رنگن جي رنگجي ويا، قومي ثقافتي گيتن تي جهومي اٿيا، سڪرنڊ ايگل ھاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ ايڪتا ڏھاڙو انتهائي شاندار نموني ملھايو پيو وڃي، نيشنل پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. پوري سنڌ جيان ھالاڻي شھر ۾ به “ايڪتا عيد” ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پوڙھا، نوجوان ۽ ٻارڙا پٽڪا اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي خوشيون ڪندي نظر آيا، ثقافتي رنگ جرڪي پيا، سمورو شھر ٽوپين، پٽڪن ۽ اجرڪن جي چمڪار سان چمڪي پيو، پ پ يوٿ پاران سيد بابر شاھ چوڪ کان ھالاڻي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ معصوم ٻارڙن توڙي نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪري جھمريون هڻي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. خانواهڻ ۾ به “پنهنجي ايڪتا” ڏهاڙي جي موقعي تي جسقم، سنڌي ادبي سنگت، شاھ لطيف فائونڊيشن، ڪسوا، مدني ايڪشن ڪاميٽي، آئيڪون اڪيڊمي اسڪول، ينگ ويلفيئر آرگنائيزيشن خانواهڻ ۽ ٻين تنظيمن طرفان شاندار ريلي ڪڍي وئي، دڪاندارن طرفان ريلي تي گل نڇاوڙ ڪيا ويا، ريلي ۾ مٺائي پڻ ورهائي وئي. محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي، فقير غوث بخش تنيو،عبد الغفور سحر ۽ ٻين قومي گيت ڳائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ٻانڌي ۾ پنھنجي سنڌ، پنهنجي ايڪتا جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، ايس ٽي پي، ڏاھري ينگ اتحاد، پ پ ش ب پاڪستان خاصخيلي تنظيم پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون، جسقم ۽ پ پ شهيد ڀٽو طرفان گڏيل ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي شھر جي مختلف بازارن ۾ ٿيندي قومي گيتن تي رقص ڪندي پريس ڪلب پهچي، اڳواڻن خطاب ڪيو، ڌرتي سان محبت جو وچن ورجايو. سڄي سنڌ جيان کڏڙو ۾ به پنھنجي ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش ۽۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي، کڏڙو پريس ڪلب کان مختلف تنظيمن طرفان ريلي ڪڍي وئي، شھدادپور يوٿ پروگرام پاران لطيف چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شھرين، نوجوانن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪري قومي گيتن تي جھمريون هڻي رقص ڪيو. کاهي ۾ به پنهنجي ايڪتا جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي، آئيڊيل پبلڪ اسڪول، شاھ لطيف پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ شهر جي سياسي سماجي ڪارڪنن اجرڪ ٽوپيون پٽڪا پائي ريلي ۾ شرڪت ڪئي، قومي ۽ لوڪ گيتن تي رقص ڪيو ويو.  سموري سنڌ جيان شڪارپور ضلعو به پنهنجي ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي ويو، هر پاسي سنڌي ٽوپين، ارجڪن ۽ پٽڪن جي لهر، وستي وستي واهڻ واهڻ ۾ عيد جي خوشي جهڙا منظر، ڏهرڪي ۾ پنهنجي ايڪتا جي سلسلي ۾ وڏي ريلي ڪڍي وئي، قومي گيتن تي شهري جهومي پيا، گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرا ويا، ڳوٺ وارث ڏنو شر ۾ حاتن خان شر ۽ ممتاز خان شر طرفان گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرائي سڄي علائقي واسين جي منهن تي مرڪون وکيري ڇڏيون، سوين ماڻهو گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڏسڻ لاءِ مختلف شهرن کان ڳوٺ وارث ڏنو خان شر ۾ پهتا. چڪ شهر ۾ به پنهنجي ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، شهر جي سياسي سماجي ادبي ڌرين پاران چڪ ناڪي نمبر هڪ کان شاندار ريلي ڪڍي وئي، هزارين شهرين طرفان انساني هٿن جي زنجير ٺاهي وئي، ٻارڙن توڙي نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو. جيڪب آباد ضلعي ۾ به ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي، مختلف تنظيمن، اسڪولن طرفان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، وڏي انگ ۾ شهرين توڙي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شريڪ، ٺل ۾ پنهنجي ايڪتا انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، صبح سان ئي ٻارڙا پنهنجي ايڪتا جي پينا فليڪس اڳيان پهچي قومي گيتن تي رقص ڪرڻ شروع ڪيو، ٻارڙا توڙي خوشي وچان جهمريون هڻندا رهيا، سنڌي ادبي سنگت ۽ اديبن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهچي تقريب ڪوٺائي وئي، اڳواڻن خطاب ڪيو. لعلورائنڪ ۾ پنهنجي ايڪتا عيد جون زبردست ريليون، پ پ، پي ٽي آءِ، نوجوان سنگت،صوفي سنگت، لعلو ڪنگز ڪرڪيٽ ڪلب، بادشاھ ڪرڪيٽ ڪلب، حيدري نوجوان سنگت، هاءِ اسڪول لعلورائنڪ سميت مختلف ڌرين طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون مک رستن کان ٿينديون پريس ڪلب پهتيون، جتي هزارين ماڻهن هٿ هٿ ۾ ڏئي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪئي ، صوفياڻي محفل پڻ ٿي.سنڌي ايڪتا جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ڄامشورو ضلعي اندر به ثقافتي تقريبون ڀرپور نموني شروع ٿي ويون، ايڪتا جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ، ڀان سيد آباد، سن، مانجهند ، ڄامشورو ، ڪوٽڙي، نوري آباد، ٿاڻو بولا خان پريس ڪلبن آڏو تقريبون جاري آهن، صحافين، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي، ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين جو وڏو انگ سنڌي ثقافتي لباس سان سنڌي ٽپيون اجرڪ، پٽڪا پھري گهرن کان ٻاهر نڪري آيو آهي، سڄي سنڌ جيان ڄامشورو ضلعي ۾ به عيد جو منظر پسجي رهيو آهي، جڏهن ته ضلعي جي مختلف سرڪاري غير سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۾ تقريبن سان گڏ سياسي سماجي عملي ادبي تنظيمن طرفان به الڳ الڳ پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن، جتي قافلن جي صورت ۾ پروگرامن ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، تقريبن ۾ مقامي فنڪارن، شاعرن، سگهڙن طرفان فن جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ٻارڙن طرفان ٽيبلوز پيش ڪيا پيا وڃن. مقررن پاران سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌي ثقافت تي روشني وجهي نوجوان نسل کي پنهنجي سنڌ وطن، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ سنڌي ثقافت کي بچائڻ لاءِ هدايتون ۽ درس ڏئي رهيا آهن.سموري سنڌ جيان ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ به ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، سموري سنڌ جيان بخشاپور ۾ پنهنجي ايڪتا عيد ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ سگهڙ سلات ۽ شهر واسين سري هيٺ هاءِ اسڪول ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سگهڙن اديبن شاعرن سنڌ کي امڙ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، هاءِ اسڪول کان ايڪتا عيد جي خوشي ۾ ناڪا چوڪ تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، ڪشمور ۾ پنهنجي ايڪتا جا رنگ نکري پيا، ڪشمور شھر ثقافتي رنگن سان رگجي ويو، ڪشمور سٽيزن ويلفيئر شھري ايڪشن ڪاميٽي، شھري اتحاد، ايس ٽي پي، سياسي سماجي تنظيمن ۽ تعليمي ادارا طرفان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ننڍا توڙي وڏا سنڌي ٽوپي اجرڪ پٽڪا ٻڌي روڊن تي نڪري آيا، ڪشمور شھر جو پيادل گشت ڪيو ويو. تنگواڻي ۾ قومي عيد ڀرپور نموني ملهائي وئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن طرفان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون، هزارين نوجوانن گهرن کان نڪري ريلين ۾ شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو.  خيرپور ضلعو به قومي عيد ۾ رڱجي ويو. هر پاسي ٽوپين، اجرڪن ۽ پٽڪن جي بهار اچي وئي، سوڀوديرو ۾ جسقم، شهري اتحاد سوڀوديرو، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي، وڏي انگ ۾ ماڻهو قومي جهنڊا ۽ اجرڪ ٽوپيون پائي دهل شرنائين سان جهمريون هڻندا پريس ڪلب پهتا، سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. فقيرآباد ۾ عوامي پريس ڪلب ۾ ايڪتا پروگرام ملهايو ويو، پروگرام ۾ سياسي سماجي توڙي صحافين شرڪت ڪئي، ڪنب ۾ ايڪتا ڏڻ تي سموري سنڌ ٽوپي اجرڪ سان رنگجي وئي، هرطرف سنڌ امڙ جي نعرن جي گونج، شھرين پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن، اڪري چودڳي ۾ پنهنجي ايڪتا جي حوالي سنڌي ثقافت جا جلوا، سنڌ توکي سلام ڪڍي وئي، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، هرمڪتب ئي فڪر جو ماڻهو ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي ويو، شهري اتحاد، پريس ڪلب اڪري، ديوان برادري، برابري پارٽي پاڪستان، طرفان شاندار ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري جو پڻ مطالبو ڪيو ويو، فيض گنج جي مختلف شهرن، پڪا چانگ ڀنگو بهڻ، جلالجي چودڳي امين پاتو سميت ٻين شهرن ۾ پڻ ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، ريلين ۾ قومي گتين تي نوجوانن رقص پڻ ڪيو، ريلين ۾ جسقم، عوامي تحريڪ، آبادگار، هاري، شهري سول سوسائٽي شاگردن استان شرڪت ڪئي. پيرجوڳوٺ ۾ “پنهنجي ايڪتا پنهنجي ثقافت” جي سري هيٺ ايڪتا جو قومي ڪاڄ جاري، مک تقريب ۾ فنڪارن پاران سر وکيري سنڌ کي ڀيٽا پيش، ماڻهو اجرڪ ٽوپيون ۽ ثقافتي لباس پهري روڊن تي نڪري پيا، هر طرف ايڪتا جا رنگ جرڪي پيا، نوجوانن جون قومي گيتن تي روايتي جهمريون، خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي.   ٽنڊوباگو ڀرسان ڳوٺ عبدالله چنڙ ۾ يونيورسل پبلڪ اسڪول عبدالله چنڙ ۾ پنهنجي ايڪتا ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏهن ته شاگردياڻين سنڌي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هنيون، پروگرام ۾ اسڪولي شاگردن ننڍا ڊراما پيش ڪري سنڌي ثقافت جي فلسفي کي اجاگر ڪيو، ڏسندڙن خوب داد ڏنو، ثقافتي تقريب ۾ ڀرپاسي جي ماڻهن سنڌي ويس اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون پائي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ شاگردن سان گڏ عورت استادن بھترين ثقافتي ويس پائي شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ شامل سمورن ماڻهن ايڪتا ثقافتي ڏينهن کي قومي ثقافتي عيد ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو وچن ورجايو.  بدين ضلعي ۾ ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، هر پاسي ثقافت جا رنگ نکري پيا، بدين شهر ۾ مختلف تنظيمن طرفان ريليون ڪڍيون ويون، قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، شادي لارج ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهن سنڌي ٽوپيون، اجرڪ ۽ پٽڪا پائي قومي گيتن تي رقص ڪيو، اڳواڻن طرفان خطاب ڪيو ويو. کور واهه ۾ به ثقافتي عيد ملهائي پئي وڃي، ڳوٺ ٻانهون خان چانڊيو ۾ ثقافت جي حوالي سان ثقافتي ڪچهري ٿي گذري، سگهڙن اقبال خان، علي بخش چانڊيو، مددعلي ۽ ٻين مقامي سگهڙن ڏور ڳجهارتون ۽ لطيف سائين جون وايون ٻڌائي واهه واهه ڪري ڇڏي. پنگريو ۾ پنھنجي ايڪتا، پنھنجي ثقافت جي سري هيٺ هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي هاءِ اسڪول گرائونڊ کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، ريلي ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين پيپلز پارٽي، فنڪشنل ليگ مرزا گروپ، جسقم، ايس ٽي پي، نواز ليگ، گسٽا، پي ٽي الف ۽ ٻين مختلف برادرين طرفان شرڪت ڪئي وئي، واپارين ۽ شهرين ريلي تي گل نڇاور ڪيا، اڳواڻن ثقافتي ريلي کي خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *