ڪراچي: ڊي ايس پي بن قاسم 2 محافظن سميت قتل، وزير اعظم نوٽيس ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلشن حديد جي علائقي باٽا موڙ ويجهو ڊي ايس پي بن قاسم گاڏي تي تي پنهنجي محافظ وڃي رهيو هو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو ۽ سندس محافظ هيڊ ڪانسٽيبل نظير ٿڏي تي مارجي ويا ڊرائيور ڪانسٽيبل فاروق سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اسپتال ذريعن مطابق مارجي ويلن جي سيني ۽ پيٽ ۾ گوليون لڳيون ايس ايس پي ايسٽ مطابق واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ذريعن مطابق ڊي ايس پي جي گاڏي تي 10 کان وڌيڪ  گوليون هلايون ويون واقعي کان پوءِ پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا جاچ ٽيمن واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته ڊي ايس پي بن قاسم تائون فتح محمد سانگري کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي ڊي ايس پي جي شهادت افسوسناڪ واقعو آهي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري رهيا آهيون دهشتگردن کي ختم ڪرڻ ۾ رائو انوار جو وڏو ڪردار آهي واقعي واري هنڌ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ باوجود دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري رهندو پوليس اهلڪارن جي قتل سان گهٻرائڻ وارا نه آهيون دهشتگردن جو آخري گهڙي تائين پيڇو ڪيو ويندو هن چيو ته ڊي ايس پي فتح محمد کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته دهشتگردي جي ڪارروائي جو سنجيدگي سان جائزو وٺي رهيا آهيون هي منظم دهشتگردي جي ڪارروائي لڳي ٿي واقعي جي جاچ جاري آهي جاچ ۾ اڳڀرائي کان ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائون انوار بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته دهشتگردن جي خلاف رائو انوار جو ڪردار سڀني آڏو آهي رائو انوار ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *