ڪراچي پوليس 8، 9 ۽ 10 محرم لاءِ سيڪيورٽي پلان کي آخري شڪل ڏيئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس 8، 9، ۽ 10 محرم لاءِ سيڪيورٽي پلان کي آخري شڪل ڏيئي ڇڏي آهي ڪراچي ۾ 8، 9 ۽ عاشوره ڏهاڙي جي موقعي تي ماتمي جلوسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ مرڪزي جلوسن جي لنگهن جي سمورن اندرين ۽ ٻاهرين رستن کي بند جڏهن ته مارڪيٽن ۽ دڪانن کي سيل ڪيو ويندو جلوس برآمد ٿيڻ کان اڳ رستي جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ کوجي کتن جي مدد سان چيڪنگ ڪئي ويندي جلوسن جي لنگهن جي ڊگهي عمارتن تي شارپ شوٽر بيهاريا ويندا ڪنهن به شخص کي جلوس جي وچ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي پوليس سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان ماتمي جلوسن جي مانيٽرنگ جي تياري مڪمل ڪري ورتي اهي جلوس جي رستن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائن کي فعال ڪيو ويو آهي پوليس موبائلن ۾ به سي سي ٽي وي ڪئمرا لڳايا ويا آهن جيڪي جلوس جي آڏو هلندا ان کان سواءِ ضرورت پوڻ تي ايم اي جناح روڊ تي عمارتن جي ٻاهران لڳل خانگي سي سي ٽي وي ڪئمرائن کي به استعمال ڪري سگهبو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *