ڪراچي پوليس عامر خان کان جاچ مڪمل ڪري چالان اي ٽي سي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، شاهد 25 جون تائين طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان خلاف جاچ مڪمل ڪري ورتي ۽ چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو،عامر خان کي 11 مارچ تي رينجرز ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تان گرفتار ڪيو هو، پوليس کانئس جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چالان دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي عامر خان کي به سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو هو، پوليس طرفان پيش ڪيل چالان ۾ عامر خان تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس پاران پيش ڪيل چالان منظور ڪندي ڪيس جي شاهدن کي 25 جون تائين طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *