ڪراچي ٽيسٽ: پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي آسانيءَ سان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪراچي ٽيسٽ ۾ فتح حاصل ڪري ورتي آهي، ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي کٽن لاءِ 88 رنز جو هدف ڏنو جيڪو پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.ڪراچي جي نينشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 220 رنز ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم فواد جي سيچري جي بدولت 378 رنز ٺاهيون ائين ميزبان ٽيم کي 158 رنز جي برتري حاصل ڪئي جنهن جي جواب ۾ مهمان ٽيم 245 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.ڏکڻ آفريقا پاران ڏنل آسان هدف جو پيڇو ڪندي پاڪستان 3 وڪيٽون وڃايون، عمران بٽ 12، عابد علي 10 ۽ ڪپتان بابراعظم 30 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، اظهر علي 31 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *