ڪراچي: ٻن ڏينهن جي برسات، مختلف واقعن ۾ 20 ڄڻا زندگيون وڃائي ويٺا

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن جي برسات سان مختلف علائقن ۾ برسات  جو پاڻي گڏ ٿيڻ سان شهرين کي ڏکيائي درپيش آهي. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ڪيترائي علائقا اڃان تائين بجلي جي فراهمي کان ،محروم آهن، ٻن ڏينهن جي برسات م ڪرنٽ لڳڻ ۽ مختلف واقعن ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ، تفصيل موجب اڱاري ۽ اربع واري رات ڪراچي ۾ کنوڻ سان ٿيندڙ تيز برسات سبب ماڻهن کي  ڏکيائي درپيش، سخت برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ گھرن ۾ برسات جي پاڻي گڏ ٿيڻ سان قيمتي سامان به خراب ٿي ويو، ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن کان ٿيندڙ برسات سبب مخلتف حآدثا رپورٽ ڪيا ويا، ڪرنٽ لڳڻ، ڀتيون ۽ گھرن جون ڇتيون ڪرڻ جي واقعن ۾ هن وقت تائين 20 ڄڻا فوت ٿي  چڪا آهن، فوت ٿيندڙن مان وڌيڪ ڪرنٽ لڳڻ سبب پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا، جن ۾ رشيد آباد جي رقعيه خاتون، نارٿ ناظم آبادجي فاطمه ولي محمد، ڳوٺ عزيز آباد جي ڪليم الله، ڪراچي جو اسلم ۽ گلشن اقبال جو غلام محمد شامل آهن. جمالي ڳوٺ ۾ هڪ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب منظور فوت ٿي ويو. سپر هائي وي جي ويجھو مال پڙي ۾ هڪ بلبورڊ ڪرڻ سان 14 سالن جو ڇوڪرو فوت ٿي ويو، ٻئي طرف انتظآميان پاران پاڻي جو نيڪال جو انتظام نه ٿيڻ سان مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو جنهن سبب شهرين جي زندگي عزاب بڻجي وئي .اسٽيڊيم روڊ ملير، ڪورنگي، سرجاني، ڪالابورڊ، گلشن اقبال، محمود آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو آهي. ناظم آباد ۽ لياقت آباد انڊر پاس جي ٻاهران پاڻي گڏ ٿيڻ سان ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي آهي.، گذريل رات برسات سبب ڪي اليڪٽرڪ جا 250 فيڊر ٽرپ ٿيا هئا جن مان ڪيترائي بحال ٿي ويا آهن. پر ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃان تائين بجلي غائب آهي. مال پڙي سهراب ڳوٺ برسات سبب خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جر سرگرمي متاثر ٿي وئي آهي. جنهن سبب مال جي قيمتن تي منفي اثر پئجي رهيا آهن ۽ اگھن ۾ وڏي پيماني تي گھٽتائي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *