ڪراچي: وڏي وزير طارق روڊ تي واقع شاپنگ سينٽر جي پارڪنگ عوام لاءِ کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته طارق روڊ تي واقع شاپنگ سينٽرز جي پارڪنگ کي عوام لاءِ کوليو وڃي ته جيئن ماڻهن کي گاڏين جي پارڪنگ ۾ سولائي ٿئي ۽ سندن گاڏيون روڊ تي نه بيهارن ڇاڪاڻ ته ان سان ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيندي آهي. هن اها ڳالهه اڄ طارق روڊ ٽريڊز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اسلم ڀٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪئي. وفد ۾ طارق روڊ ٽريڊز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر اسلم ڀٽي، محمد اسد توفيق، جنرل سيڪريٽري فواد خان، پريس سيڪريٽري هارون اظفر، نائب صدر (بلاڪ بي) محمد عظيم، نائب صدر (بلاڪ ڊي) ظفر اقبال، نائب صدر (بلاڪ اَي) محمد محمود سميت وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ طارق روڊ ٽريفڪ جي موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ڪندڙ حددخلين کي هٽائڻ، شاپنگ سينٽرز جون پارڪنگ کولرائڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته طارق روڊ تي واقع ڪجهه شاپنگ سينٽرز کي پارڪنگ هوندي به عوام لاءِ نه پئي کولي وڃي. هن وفد کي پارڪنگ کولرائڻ ۽ حددخليون جي خاتمي لاءِ وڌيڪ اپاءَ وٺڻ جا حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته اسان طارق روڊ جي تعمير ڪئي آهي، هاڻ اوهان کي ان جي سارسنڀالڻ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دڪاندار رات داري دڪان بند ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو ڪچرو روڊ تي اڇلائيندا آهن جنهن سان عوام جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي آهي جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي. جنهن تي ايسوسيئيشن جي وفد سمورن دڪاندارن پاران ڪچرو نه اڇلائڻ جو يقين ڏياريو. وڏي وزير چيو ته هن خالد بن وليد روڊ تي شورومز ٻاهران روڊن تي ٻيهر گاڏيون بيهارڻ جون شڪايتون مليون آهن. هن ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته شورومز ٻاهران گاڏين جي پارڪنگ نه ڪرڻ واري حڪم تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته گاڏين جي پارڪنگ سبب ٽريفڪ جام جهڙي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن انڪري ان مسئلي جو فوري حل ضروري آهي. وڏي وزير لاڳاپيل اهلڪارن کي شهر ۾ قبرستان ڏانهن ويندڙ رستن مان حددخليون ختم ڪرڻ جون به هدايتون جاري ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *