ڪراچي وارن ۽ واڳيل ادارن جي گڏيل ڪوششن سان عالمي ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ محرم الحرام ۾ مجلسن ۽ جلوسن لاءِ فول پروف سڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ عام چونڊن دوران استعمال ڪيل سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جي منظوري ڏني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ھدايت ڪئي تھ سڄي صوبي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڳري نفري مقرر ڪئي وڃي ۽ ان کانسواءِ پاڪ فوج 52 ڪمپنين کي بھ ريزرو ۾ تيار رکيو وڃي تھ جيئن ڪنھن بھ قسم جي ھنگامي صورتحال ۾ گھرائي سگھي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاھھ، صوبائي قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بخاري، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي افتخار شھلواڻي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) ڪامران فضل، ايڊيشنل آءِ جي (اسپيشل برانچ) عمران منھاس، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاھھ، سيڪٽر ڪمانڊرز آف انٽيليجنس ايجنسيز، صوبائي سربراھھ انٽيليجنس بيورو، ڪرنل محمد ناصر اآف 5 ڪورپس، ڪرنل فيصل ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ گذريل ٽن سالن دوران سنڌ صوبي ۾ ڪو بھ وڏو واقعو پيش نھ آيو آھي. ھن چيو تھ ان مان ظاھر ٿئي پيو تھ حڪومت جي سياسي عزم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جي سخت محنت ۽ قربانين جي بدولت شھر ۾ امن امان جي بحالي ممڪن ٿي آھي. ھن شھر ۾ ڊاڪٽر جي ٽارگيٽڊ ڪلنگ تي سندس خدشي جو اظھار ڪيو. شھر ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کي اطمينان بخش قرار ڏيندي ھن چيو تھ ان جي باوجود اسان کي گھڻو ڪجھھ ڪرڻ گھرجي ۽ اسان شھر ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خاتمي تائين اھڙي جذبي ۽ چاھھ سان ڪم ڪندا رھنداسين. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بخاريءَ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ ايم اي جناح روڊ تي نمائش چورنگي کان تبت سينٽر ھلندڙ ترقياتي ڪمن ڪري محرم الحرام جو جلوس ڪجھھ ڊگھو ٿيندو. ھن چيو تھ محرم جي جلوس جي سڪيورٽي لاءِ 7700 رينجرز اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ڊي جي رينجرز ٻڌايو تھ ايسٽ زين ۾ 3400، ويسٽ زون ۾ 600، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 400، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 600، سکر ڊويزن ۾ 1000 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 1700 رينجرز اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. جنرل عمر بخاريءَ ٻڌايو تھ 52 فوجي ڪمپنيون سڄي سنڌ ۾ بشمول ڪراچي ڊويزن ۾ 14، حيدرآباد ڊويزن ۾ 5، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 4، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 3، سکر ڊويزن ۾ 10 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 16 مقرر ڪيون وينديون.اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي بريفنگ ڏيندي آءِ جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام ٻڌايو تھ صوبي ۾ 2015 امام بارگاھون آھن جن ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ 590، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 464، سکر ڊويزن ۾ 374، ڪراچي ڊويزن ۾ 342، ميرپور خاص ڊويزن 138 ۽ شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 107 شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ 15971 مجلسون ٿينديون آھن جن ۾ 1408 تمام حساس ۽ 5199 حساس آھن. آءِ جي پوليس چيو تھ 71485 پوليس اھلڪار ۽ ليڊي پوليس اھلڪار سڄي صوبي ۾ محرم الحرام دوران سندن فرض نڀائيندا. انھن ۾ 7044 موبائل فورس، 52725 اسٽيٽڪ، 6539 اھلڪار پوليس چوڪين تي مقرر ڪيا ويندا ۽ 5177 ريزرو ھوندا. ڊاڪٽر ڪليم امام وڌيڪ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ 3793 موبائلنگ، اي پي سيز ۽ موٽرسائيل مقرر ڪيا ويندا، انھن مان ڪراچي ڊويزن ۾ 1652، حيدرآباد ڊويزن ۾ 934، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 210، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 249، سکر ڊويزن ۾ 305 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 443 مقرر ڪيا ويندا. سنڌ ۾ 6288 ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا آھن، انھن ۾ 439 کي تمام حساس ۽ 1788 کي حساس قراد ڏنو ويو آھي. ان کانسواءِ 737 تعزين وارا جلوس پڻ ڪڍيا ويندا، انھن ۾ سڀ وڌيڪ حساس ۽ 242 کي حساس قرار ڏنو ويو آھي. آءِ جي پوليس اجلاس کي ٻڌايو تھ 8 محرم کان ڪراچي ڊويزن جي 21 مختلف ھنڌن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 6، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ ھڪ، سکر ڊويزن ۾ 7 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 5 ھنڌن جي فضائي نگراني پڻ ڪئي ويندي، انھيءَ کان سواءِ 93 موبائل فون جيمرز بھ سموري سنڌ ۾ لڳايا ويندا. 856 ڪنٽينرز جلوسن وارن روڊن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ حاصل ڪيا ويا آھن.ھن چيو تھ صوبي ۾ 1022 ٽريفڪ پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا جن ۾ 5 ايس ايس پيز، 11 ڊي ايس پيز، 13 انسپيڪٽرز، 334 اين جي اوز، 164 ھيڊ ڪانسٽيبلز ۽ 495 پوليس ڪانسٽيبلز مقرر ڪيا ويندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ اجلاس کي ڪراچي ۾ سڪيورٽي پلان جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تھ 9 محرم الحرام وارو جلوس منجھند 12 وڳي نشترڪ پارڪ کان شروع ٿيندو، ان جو رستو نشترڪ پارڪ، گرو مندر، نيو ايم اي جناح روڊ ۽ نماز ظھرين جي ادائگي قائداعظم جي مزار جي وي وي آءِ پي گيٽ تي ادا ڪئي ويندي. ان کان پوءِ جلوس پيپلز چورنگي، ايم اي جناح روڊ، صدر ٽپال گھر/ پوسٽ آفيس، ايمپريس مارڪيٽ، ريگل چوڪ، تبت سينٽر،پلاسٽڪ مارڪيٽ کان حسينياڻ ايرانيان امام بارگاھھ تي ختم ٿيندو. جلوس ۾ 30000 کان وڌيڪ عزادار شرڪت ڪندا. 10 محرم الحرام واري جلوس جي حوالي سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچيءَ ٻڌايو تھ اھو نشترڪ پارڪ کان شروع ٿيندو ۽ رستو ساڳيو ئي ھوندو پر نماز ظھرين جي ادائيگي منجھند ڏيڍ وڳي تبت سينٽر تي ادا ڪئي ويندي. جلوس جي اختتام حسينھ ايرانيان امام بارگاھھ تي ڪيو ويندو ۽ ان ۾ 50000 کان وڌيڪ عزادار شرڪت ڪندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو تھ امڪاني خطرن کي ڏسندي واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويندا، پوليس ڇتن تي مقرر ڪئي ويندي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جلوسن جي سمورن اچڻ وڃڻ وارن ھنڌن ۽ علائقي کي سوئپ ڪندو ۽ ان سان گڏوگڏ ھر ھڪ فرد جي اسڪيننگ ۽ سندن سخت نگاھھ رکي ويندي. ھن چيو تھ ايمبولينسز ۽ ٻين اسڪوڊنگ وھيڪلز کي سڪيورٽي پاسز جاري ڪيون ويون آھن، ميڊيا وين کي پڻ اسٽيڪرز/ سڪيورٽي پاسز جاري ڪيا ويندا. ھن چيو تھ جلوس جي شروع کان آخر تائين وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪارن مقرر ڪيا ويندا. ھن چيو تھ ايس پي سطح جو ھڪ آفيسر جلوس جي اڳواڻي ڪندو ۽ شيعا اڳواڻن ۽ سندن امن ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ ويجھي رابطي ۾ رھندو.  جلوس جي رستي ۾ ايندڙ 167 ماڙين/ ڇتن تي 334 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. جلوس جي چرپر کي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کان سي سي ٽي وي ڪئمرن ذريعي پڻ نظر رکي ويندي ۽ جلوس جي ڪوريج لاءِ موونگ سي سي ٽي وي وين پڻ ھوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو تھ پھرين کان 10 محرم الحرام تائين شھر ۾ 6028 مجلسون ٿينديون، جن لاءِ 1073 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا. ھن چيو تھ ڪنھن بھ اڻوڻندڙ واقعي، آئيسوليشن آف سين، شرپسند/ ڏوھارين جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيم ۽ ايووڪيوئيشن ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آھن. مجلسن/ جلوس ۾ نون ماڻھن جي شامل ٿيڻ ۽ شڪي سرگرمين ۾ ملوث ماڻھن تي نگاھھ رکي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير اٺين محرم الحرام واري رات کان ڊبل سواريءَ تي پابندي جي منظوري ڏني. ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ھُو سموري سنڌ ۾ اسنيپ چيڪنگ شروع ڪئي وڃي. ھن چيو تھ سندس موٽرسائيڪل ڊبل سواريءَ تي پابنديءَ جي حق ۾ نھ آھي پر ٻن موٽرسائيڪل سوارن ھڪ ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ سبب سندس اھو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آھي. ڪراچيءَ جي ڪمشنر افتخار شھلواڻيءَ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ سندس امن ڪميٽي جوڙي وئي آھي جيڪا ڊپٽي ڪمشنرن سان اجلاس ڪري رھيا آھي ۽ انھن سان اجلاس بھ منعقد ڪيا ويا آھن. ھن چيو تھ روڊن جي مرمت وارو ڪم، پاڻي ۽ بجلي جي فراھمي جي حوالي سان اڳئي ھدايتون ڏنيون ويون آھن. سنڌ جي گھرو سيڪريٽري قاضي ڪبير اجلاس کي ضابطا اخلاق جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو تھ سندس ان کي ضلعي انتظاميا سان گڏ ونڊيو آھي ۽ ھن چيو تھ امن ڪميٽي ھر ضلعي ۾ جوڙي وئي آھي جتي اجلاس ھلندڙ آھن. ھن چيو تھ سندس سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجلسن وارن علائقن کي صاف سٿرو رکيو وڃي ۽ انھن کي سموريون گھربل سھولتون فراھم ڪيون وڃن. قاضي ڪبير چيو تھ سموري سنڌ ۾ 484 فليش پوائنٽس جي نشاندھي ڪئي وئي آھي، انھن فليشن پوائنٽس ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ 245، حيدرآباد ڊويزن ۾ 31، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 33، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ 12، سکر ڊويزن ۾ 72 ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 91 شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ پوليس، رينجرز جي مقرري ڪئي ويندي جنھن لاءِ سندس پوليس، رينجرز، پاڪ فوج ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان گڏ رابطي ۾ آھن.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آءِ جي پوليس ۽ رينجرز کي ھدايت ڪئي تھ اھي سنڌ ۽ بلوچستان جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت سڪيورٽي برقرار رکي وڃي. ھن چيو تھ سنڌ-بلوچستان ۽ سنڌ-پنجاب سرحدن تي دھشتگردن جي چرپر تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ھن پوليس ۽ رينجرز تي زور ڀريو تھ اھي سنڌ-بلوچستان ۽ سنڌ-پنجاب جي سرحدن ۽ انھن جي ڀرپاسي وارن شھرن تي آپريشن ڪيو ڪيو وڃي تھ جيئن دھشتگردن ۽ انھن جي حمايتين کي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري سگھجي. ھن ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري بلديات کي ھدايت ڪئي تھ جلوسن ۽ مجلسن وارن رستن ۾ ايندڙ روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي. امام بارگاھن ۽ مجلسن ۾ پاڻيءَ جي فراھمي ۽ سيوريج واري نظام کي يقيني بڻايو وڃي. ھن اسٽريٽ لائيٽس جي مرمت جو پڻ حڪم ڏنو ۽ ڪمشنر ڪراچيءَ تي زور ڀريو تھ ھُو ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي تھ انھن علائقن ۾ بجليءَ جي بندش نھ ڪئي وڃي. ھن اڄ آچر کان عاشوري واري ڏينھن تائين سرحدي ضلعن جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ، قمبر شھداد ڪوٽ، شڪارپور کان دادو انٽيليجنس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي تھ جيئن شڪي ماڻھن تي ڪڙي نگاھھ رکي سگھي. وڏي وزير چيو تھ ڪشمير مسئلي ڪري سڪيورٽي انتظامن کي پن ان حساب سان ڏٺو وڃي. ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بھ ھدايت ڪئي تھ اھي حفاظتي منصوبي تي عملدرآمد ڪندي امڪاني خطرن کي ذھن ۾ رکيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سندس ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيل خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جي حوالي سان ھڪ اجلاس جي صدارت ڪرڻ چاھيان پيو پر محرم الحرام ان کان وڌيڪ اھميت جو حامل آھي، انڪري ڌيان کي ورھائڻ نٿو چاھي. ھن چيو تھ محرم جي فورن بعد سندس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ ويھندو ۽ ڌاڙيل جيڪي ماڻھن کي ڀنڱ لاءِ اغوا ڪندا آھن سندن خاتمي لاءِ ھڪ تفصيلي پلان ترتيب ڏيندو. ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ڌاڙيلن ۽ انھن جي سھولتڪارن خلاف سنڌ جي اترين علائقن کان صوبي جي وچين حصي نوابشاھھ تائين ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رکيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪراچيءَ ۾ کيڏڻ لاءِ 25 سيپٽمبر تي اچي رھي آھي. ھن چيو تھ سندس اھا سٺي خبر جيڪا اوھان سان ونڊڻ چاھيان پيو. مراد علي شاھھ چيو تھ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪراچي واپس اچي وئي آھي جنھن لاءِ پوليس، رينجرز، پاڪ فوج ۽ خاص طور تي ڪراچي جي ماڻھن کي واڌايون ڏيان ٿو. ھن چيو تھ اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان ڪراچي کي پُرامن شھر بڻايو ويندو ۽ بين الاقوامي ڪرڪيٽ کي شھر ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي سان آءِ سي سي جو اسان جي حڪومت تي اعتماد جو اظھار آھي. وڏي وزير چيو تھ ڏھھ محرم کان پوءِ سندس ڪرڪيٽ ميچن جي سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ھڪ اجلاس جي صدارت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *