ڪراچي: نسلا ٽاور کي ڊاھڻ جو عمل تيز، وڌيڪ مشينري ۽ عملو طلب، سپريم ڪورٽ فوري رپورٽ گھري ورتي

ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن تي نسله ٽاور کي ڪيرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن سبب شاهراه فيصل کان شاهراه قائدين ويندڙ رستو بند ڪيو ويو آهي. مزودرن جي مدد سان مٿين عمارتن کي مينوئل طريقي سان ڪيرايو پيو وڃي هيوي مشينري جي مدد سان عمارت جي هيٺين ڀتين کيڪيرايو پيو وڃي روايتي طريقي سان ڪم شروع ڪرڻ لاءِ مزدور ۽ مشينري ٻئي موجود آهن هنک ان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي عمارت ڪيرائڻ جو ڪم تيز ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ ٻين آفيسرن سان گڏ نسله ٽاور پهتو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو، ۽ ڊي سي اوڀر به موجود هو ڪمشنر صحافين سان ڳالهائيندي يو ته نسله ٽاور ڪيرائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو حفاظتي قدم نه هئڻ جي ڪري ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو هو سپريم ڪورٽ جو اهو ئي حڪم هو ته جان ۽ مال جو نقصان نه ٿئي هن ٻڌايو ته 11هين ماڙ تي ڀڃ ڊاهه جو ڪم جاري آهي، ڏهين ماڙ ڀڃي ڇڏي آهي سپريم ڪورٽ چيو ته نسله ٽاور ڪيرائڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي هڻي ان کي اسپيڊ اپ ڪيو ويندو ته جيئن نسله ٽاور کي جلد ڪيرائي سگهجي. سپريم ڪورٽ نسله ٽاور بنا دير ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو سپريم ڪورٽ نسله ٽاور سان گڏوگڏ تجوري هائٽس بابت به رپورٽون گهري ورتيون اربع تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ نسله ٽاور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي چيف جسٽس ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڪمشنر صاحب عدالت جيڪو ڪم ڪرڻ لاءِ اوهان کي چيو هو اهو ٿيو يا نه ڪمشنر ٻڌايو ته ان ڏس ۾ عدالت کان رهنمائي گهرجي جنهن تي چيف جسٽس ڪمشنر تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته اوهان سڌي ڳالهه ڪريو ڪيتري عمارت ڪيرائي ٻڌايو؟ نسله ٽاور جي عمارت ڪيرائي آهي يا نه؟ ڇا اوهان جو هتان جيل وڃڻ جو ارادو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد کي ڪمشنر درخواست ڪئي ته منهنجي ڳالهه ٻڌو مان ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو جنهن تي جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ٿيندي. اوهان کي ڄاڻ آهي ته اوهان ڪٿي بيٺا آهيو؟ ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته اسان نسله ٽاور تي اپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪمشنر مسلسل توهين عدالت ڪري رهيو آهي ۽ ڇا هي ڪمشنر سڏرائڻ جي لائق آهي. اوهان کي هتان سڌو جيل اماڻينداسين عهدو ڇڏي ڏيو اوهان جي ڪرڻ جو ڪم نه آهي. اوهان سمجهو ٿا ته وقت ڪڍي وٺنداسين ڪهڙِ طرح، ڪمشنر چيف جسٽس کي درخواست ڪئي ته سر منهنجي ڳالهه ٻڌو جسٽس قاضي امين ڪمشنر کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان پنهنجي گهر ۾ بيٺا آهيو هي طريقو آهي ڪورٽ سان ڳالهائڻ جو وڌيڪ سماٽ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪريو ڪمشنر چيو ته سر مان عمارت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان چيف جسٽس ڪمشنر کي چيو ته اوهان ڪوشش ڇڏيو هتان سڌو جيل وڃو ڪمشنر چيو ته سر مان اوهان کي ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان چيف جسٽس چيو تها سان سمجهي رهيا آهيون اوهان نه پيا سمجهو رڳو ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيو چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان ڪمشنر ڪراچي بابت سوال ڪيو ته هي ڪهڙي گريڊ جو آفيسر آهي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي گريڊ 21 جو آفيسر آهي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا گريڊ 21 جي آفيسر جو ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ جو هي طريقو هوندو آهي، تجوري هائٽس کي به هن وقت تائين ڪيرايو ناهي ويو ڪمشنر جواب ڏنو ته تجوري هائٽس کي ڪيرائڻ جو ڪم جاري آهي، جسٽس گلزار احمد وڌيڪ ڪاوڙ ڪندي حڪم ڏنو ته ڪمشنر هاڻي اچي ۽ نسله ٽاور کي ڪيرائي ڪراچي جي سموري مشينري وٺي وڃي نسله ٽاور کي ڪيرائڻ شروع ڪيو چيف جسٽس وڌيڪ هدايت ڪئي ته تجوري هائٽس کي به اڄ ڪيرائي رپورٽ ڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *