ڪراچي: نائين زيرو تان گرفتار وڌيڪ 32 ڪارڪن رينجرز ۽ 26 جوابدار پوليس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،نائن زيرو تان ڇاپي دوران گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ 32 ڪارڪنن کي 90 ڏينهن جي رمانڊ تي رينجرز ۽ فيصل موٽا سميت ٽن جوابدارن کي 25 مارچ  تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. رينجرز پاران ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تان گرفتار ڪيل وڌيڪ 58 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. رينجرز،گرفتار جوابدارن کي اکين تي پٽيون ٻــَڌي ۽ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ۾ پيش ڪيلن ۾ صحافي ولي خان بابر قتل ڪيس جو جوابدار فيصل عرف موٽا،فرحان شبير، نادر شاهه، صدام حسين ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته جوابدارن تي دهشتگردي،غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ جا ڪيس داخل آهن. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته فيصل موٽا سميت 3 جوابدار سزا يافته ڏوهاري آهن جن جي قبضي مان هٿيار به برآمد ٿيا آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن جي قبضي مان برآمد ٿيل هٿيار ڇو نه پيش ڪيا ويا ۽ ريمانڊ ڪهڙي ريت ڏنو وڃي؟ ان موقعي تي جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته فيصل عرب موٽا صحافي ولي خان بابر جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا جو جوابدار آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 32 جوابدارن کي تحفظ پاڪستان آرڊيننس تحت 90 ڏينهن لاءِ رينجرز ۽ فيصل موٽا توڙي عبدي ڪي ٽو سميت 26 جوابدارن کي 25 مارچ تائين جسماني ريمانڊ تي پاپوش پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *