ڪراچي ملڪ ۾ ٿيندڙ آپريشن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته عدالتن سان رابطو ڪري: پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ آپريشن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته اهو عدالت سان رابطو ڪري، زبردستي دڪان ۽ بازار بند ڪرائيندڙ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارا منهن ڏيندا، حڪومت ڪنهن خلاف انتقامي ڪارروائي نه پئي ڪري، ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين جي تقرير تي پابندي لاهور هاءِ ڪورٽ مڙهي آهي، جيڪڏهن تقريرون اعتراض جوڳيون نه هيون ته معافي ڇو ورتي، احتساب جي فيصلن ۽ ڪاررواين تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو اعليٰ عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو، هڙتال ذريعي ملڪ جي معيشت کي نقصان ٿيندڙ سڀاڻي عوام کان ڪهڙي منهن سان ووٽ کرندا، هڙتال جو سڏ ڏيندڙ کي گذارش آهي ته جيڪڏهن کين ڪنهن مسئلي تي تحفظات آهن ته اهي عدالت جو دروازو کڙڪائين، جيڪڏهن عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي تبديلي چاهي ٿو ته ڌرڻا هڻڻا بدران سپريم جوڊيشل ڪونسل سان رابطو ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي نيشنل بڪ فائونڊيشن تحت 3 ڏينهن واري مليي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ مان هڙتالن جو خاتمو حڪومت جو عزم آهي، هڙتال جي ڪال ڏيڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، جيڪڏهن ڪنهن کي تحفات آهي ته اهو عدالت سان رابطو ڪري ۽ پارليامينٽ ۾ آواز اٿاري، هن چيو ته قومي ايڪشن پلان جي فيصلن مطابق اهو طئه ڪيو ويو آهي ته ڪنهن کي ملڪ ۾ هڙتال جي اجازت نه ڏني ويندي، هڙتال ڪندڙن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ايڪشن کڻندا، هن چيو ته قومي ايڪشن پلان سمورين پارٽين جي يڪراءِ سان منظور ٿيو آهي، ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون قدم کڻي رهيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڙتالن جي سياست هميشه لاءِ ختم ڪنداسين، جيڪي ماڻهو هڙتال جو سڏ ڏئي رهيا آهن اهي ملڪ جي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هڙتال جو سڏ ڏيندڙ ٻڌائين ته اهي ڪهڙو منهن کڻي عوام کان ووٽ وٺندا، پرويز رشيد چيو ته هڙتال جي ڪال ڏيندڙ کي درخواست آهي ته اهي عدالتن جو دروازو کڙڪائين. ايم ڪيو ايم سان ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي استعيفائن جي واپسي لاءِ مولانا فضل رحمان کي مينڊينٽ ڏنو هو، حڪومت ڳالهيون ڪيون، ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون هيون، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪجهه ڏينهن اڳ فجر جي وقت پريس ڪانفرنس ڪري ڳالهيون ختم ڪيون، ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ٿيندا آهن. پرويز رشيد چيو ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ آپريشن تي اعتراض آهي ته عدالت سان رجوع ڪري، سنڌ  جي وڏي وزير کي مرڪزي اپيڪس ڪميٽِي جي اجلاس ۾ تحفظات بيان ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئي حڪومت مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، آصف جي بيان تي هن چيو ته احتساب جي فيصلن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو اعليٰ عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو، جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تنقيدي سياست کان پاسو ڪرڻو پوندو، حڪومت ڪنهن  جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه پئي ڪري، حڪومت خلاف پي ٽي آءِ 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو ان موقعي تي به ڪنهن جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي، الطاف حسين جي تقرير تي پابندي جي حوالي سان هن چيو ته الطاف حسين جي تقريرن تي لاهور هاءِ ڪورٽ پابندي لڳائي آهي، جيڪڏهن تقريرون اعتراض جوڳيون نه هيون ته معافي ڇو ورتي وئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم کي اعتراض آهي ته اها سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني لاءِ رجوع ڪري، دهشتگردي ڪندڙ ۽ انهن جا مددگار ٻئي مجرم آهن، ڏوهن ۽ سياست کي الڳ الڳ ڪرڻ جي ضرورت آهي، الزامن جي سياست بند ڪرڻي پوندي، حڪومت ججز جي مقرري جي معاملي تي مداخلت نه ڪري رهيا آهي، ٻئي ادارا پنهنجن اختيارن تحت ڪم ڪري رهيا آهن، سياست ڪندڙ يا پارليامينٽ ميمبرن کي قتل ڪرڻ جو لائسنس نٿو ڏئي سگهجي، ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ان کان تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪتابي ميلو علم دوستي جو اظهار آهي، اڳ جڏهن قوم کان ڪتاب کسيا ويا هئا ته خودڪش بمبار ظاهر ٿيا، ڪراچي مان سٺيون خبرون اچڻ جو مطلب ملڪ مان سٺيون خبرون اچڻ آهي، فوج ملڪي تهذيب ۽ تمدن کي بچائڻ لاءِ قرباني ڏئي رهي آهي، ان سبب امن قائم ٿي رهيو آهي، دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪنهن فرد يا هڪ جماعت جو نه پر گڏيل فيصلو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *