ڪراچي مقابلا: بابالاڏلا گروپ جي ڪمانڊر سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ رينجرز توڙي پوليس مقابلن ۾ بابا لاڏلا گروپ جي ڪمانڊر سميت 5 ڄڻا مارجي ويا آهن،پوليس بلاول ڪالوني واري علائقي مان 3 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. رينجرز ترجمان موجب گلشن بونير ۾ مقابلي دوران هڪ دهشتگرد قاري عبدالرحمان مارجي ويو، جنهن جو واسطو تحريڪ طالبان سان هو. لياري جي محمود شاهه روڊ تي پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي ۾ بابا لاڏلا گروپ جو ڪمانڊر نبيل مارجي ويو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿيفرار ٿي ويو آهي. گارڊن واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور بهادر مارجي ويو، جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ناٿا خان پل ويجهو هڪ شخص جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ڪراچي پوليس بلاول ڪالوني ٿاڻي جي حد مان 3 ڏوهارين صدام، طاهر ۽ امير کي مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ڏوهاري مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *