ڪراچي: قائد آباد ۾ پوليس گاڏي ڀرسان بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪمانڊوز جي گاڏي ڀرسان بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽  اهلڪارن سميت  20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي  ٿي پيا، ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جو چوڻ آهي ته  دهشتگردن پوليس کي نشانو بڻايو ۽ موٽرسائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو، ان ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد مان ڪمانڊوز جي گاڏي بلاول هائوس ڊيوٽي لاءِ وڃي رهي هئي ته قائد آباد مرغي خاني ويجهو گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽  اهلڪارن سميت  20  کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، اجل جو شڪار اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪمانڊوز چندر ۽ گلزار طور  ٿي آهي.  حملي ۾ زخمي ٿيلن ۾  پوليس اهلڪار الطاف، سليم، سائين بخش ، عبيد ۽ ٻيا شامل آهن. اسپتال ذريعن موجب اسپتال پهچايل زخمين مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي  آهي. ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. واقعي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي منير شيخ چيو ته پوليس جي گاڏي کي رمورٽ ڪنٽرول بم ذريعي نشانوبڻايو ويو. اَي آءِ جي غلام قادر ٿيٻي جو چوڻ هو ته ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ نصب بم ذريعي ڪيو ويو، دهشتگردن جو نشانو پوليس ئي هئي. آصف زرداري ۽ وڏي وزير ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، آصف زرداري چيو آهي ته دهشتگرد معافي جوڳا ناهن ۽ انهن جو خاتمو ضروري آهي.  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  آءِ جي سنڌ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڌماکي کانپوءِ پوليس فيوچر ڪالوني، مرغي خاني واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو آهي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ تان 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *