ڪراچي شهر ۾ وڌندڙ گند ڪچري جو نوٽيس، وڏي وزير پاران خانگي فرمن جا ڪانٽريڪٽ رد ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير  سد مراد علي شاهه شهر۾وڌندڙ گند ڪچري جو سختيءَ سان نوٽس وٺندي  سنڌسالڊ ويسٽ مئنجمنٽ اٿارٽيءَ کي هدايت ڪئي ته اهي شهر مان گند ڪچري کڻڻ ۽ صفائيءَ لاءِ مقرر ڪيل خانگي فرمن جا ڪانٽريڪٽ رد ڪري ڇڏي ۽ هن مڪاني ادارن واري کاتي تي زور ڀريو ته اهي ڊي ايم سيز مان نااهل، ڪاهل ۽ دلچسپي نه وٺندڙ ميونسپل ڪمشنرز کي هٽايو وڃي. هن چيو ته اهو عمل ناقابل برداشت آهي ۽ مان لاڳايپل آفيسرن پاران اهڙي قسم جي سستي، ڪاهلي ۽ غفلت کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان. هن اهڙيون هدايتون اڄ شهر ۾ صفائيءَ بابت مسئلن جي حوالي سان ويچار بابت گهرايل اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاهه، ڪمشنر ڪراچي افتخار شالهواڻي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمنٽ اٿارٽي ڊاڪٽر عطا الداس، شهر جي  سمورن 6 ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته روڊ جيڪي ويجهڙ ۾ ٻيهر تيار ڪيا ويا  آهن اهي سٺا نظر نه پيا اچن، ڇاڪاڻ ته انهن جي صفائي نه پئي ٿئي ۽ جيتري ٿئي پئي اها به ڪجهه حصي جي. اسان جا ڊي ايم سيز جا آفيسر به پنهنجي ڪم ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. هن چيو ته مان جتي به ويو آهيان اتي گند پيل ڏٺو آهي ۽ ڪوبه لاڳاپيل آفيسر بشمول ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊي سيز ڪم ڪندي نظر نه آيا آهن. هن چيو ته سندس ان ڳالهه جو پڻ نوٽس ورتو آهي ته ڪلفٽن پل جيڪو ضلعي سينٽرل ۾ اچي پيو اتي بيٺل وڻن کي وڍيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به شخص وڻ وڍيو ويو آهي ته ان کي لازمي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مان ان کي سلاخن پويان ڏسڻ چاهيان ٿو. هن سمورن ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن علائقن ۾ وڻن جي حفاظت ڪن ۽ وڌ ۾ وڌ جيترو  ٿي سگهي وڻ ۽ ٻوٽا لڳايا وڃن. مراد علي شاهه ايم ڊي سنڌ سولڊ ويسٽ مئنجمنٽ کي ٻڌايو ته سندس ضلعي اولهه ۾ صفائي واري ڪم ۾ مصروف ڪمپنين جي ڪارڪردگيءَ مان خوش نه آهي. هن چيو ته ضلعي ڏکڻ ۾ به صفائيءَ لاءِ هائير ڪيل خانگي ڪمپني به اطمنان بخش ريت ڪم نه پئي ڪري. هن صوبائي وزير بلديات سعيد غني کي هدايت ڪئي ته هُو ذاتي طور تي مداخلت ڪري ۽ فوري طور شهر مان ڪچرو کڻڻ ۽ صفائي ۽ ٻهارو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا ڪانٽريڪٽ رد پيا وڃن. هن صوبائي وزير کي اها به هدايت ڪئي ته هُو نااهل، ڪاهل ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ميونسپل ڪمشنرن کي به هٽائڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته اسانکي ڪنهن به اهڙي آفيسر جي ضرورت نه آهي جيڪو پنهنجي ڪم سا مخلص نه هوندو، وڏي وزير ڊي سيز جي نگرانيءَ هيٺ ڪميٽيون جوڙيون جيڪي ڪچرو کڻڻ، صفائيءَ ۽ ٻهارو ڏيڻ واري ڪمن جي نگراني ڪنديون. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اهي سب ڊويزن جي سطح تي ٿيڻ گهرجي جتي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سونپي وڃي ته اهي پنهنجن لاڳاپيل علائقن کي صاف رکن. هن چيو ته ڊي ايم سيز جا ميونسپل ڪمشنرز پنهنجن ڊپٽي ڪمشنرن کي صفائي سٿرائي وارن ڪمن جي حوالي سان جوابده هوندا. مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچيءَ کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ صفائيءَ جي حوالي سان ٿيندڙ هر هڪ ڪم کي ذاتي طور تي ڏسي ۽ ڪچري جي ڍيرن کي کڻڻ شروع ڪيو وڃي.هن چيو ته مان ايندڙ هفتي جي شروع ۾ شهر جا اوچتا دورا ڪندس ۽ ڪنهن به غفلت ۽ ڪوتاهي نظر آئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين لوڪل باڊي جي آفيسرن کي به هدايت  ڪئي ته اهي پنهنجن علائقن ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته رڳو ٻوٽا لڳائڻ ڪافي نه آهي پر لڳايل ٻوٽن جين نهداشت به ضروري آهي ته جيئن اهي سٺي ريت وڌي سگهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ وڏي پئماني تي وڻڪاري ۽ ساوڪ جي گهرج آهي ۽ هر هڪ کي ان حوالي سان سندن ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ضلعي سينٽرل مان 2200 ٽن ڪچرو گڏ ٿيندو آهي ۽ ان مان بمشڪل 1600 ٽن لينڊ فل سائيٽس تائين پهچايو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت ضلعي اولهه ۾ 2500 ٽن ڪچرو گڏ ٿيندو آهي ۽ ان مان بمشڪل 1000 ٽن ڪچرو کنيو ويندو آهي. ان تي وڏي وزير پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي هڪ اسپيشل اسائنمنٽ جي طور تي ڪچري کي کڻڻ وارو ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ ڪچري جي پيل ڍيرن کي هٽائڻ لاءِ ڪجهه ڊمپرن جون خدمتون به حاصل ڪيون وڃن. هن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي سندن علائقن ۾ سٺي ريت صفائي سٿرائي ۾ ناڪام ٿيندڙ ڊي ايم سيز، ميونسپل ڪمشنرن بابت کين رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن نوان تعمير ڪيل روڊن جي فوٽ پاٿن جي مرمت ۽ رنگ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ۽ اهم هنڌن کي خوبصورت بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪمشنر ڪراچي سينگهارن واري ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو.  ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير  سد مراد علي شاهه پاليسي فيصلو وٺندي نمائش کان ميونسپل پارڪ  ايٽ گريڊ بي آر ٽي گرين لائن کي تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي ٻئي صورت ۾ ٻين مختلف روڊن کان ايندڙ بي آر ٽي لائنز کي ڳنڍڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. هن اهو فيصلو اڄ ڪراچي ماس ٽرانزٽ ۽ بي آر ٽي  پروجيڪٽ بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سعيد غني، ٽرانسپورٽ وارو وزير اويس شاهه، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي ناهيد شاهه، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عباس ڏيٿو، ڪنسلٽنٽس ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي بي آر ٽي گرين لائن جي انفراسٽريڪچر نمائش کان ميونسپل پارڪ لاءِ ٻه آپشن ڏنا آهن يا ته ايٽ-گريڊ يا انڊرگرائونڊ. وڏي وزير چيو ته منصوبي جي لاڳت ۾ واڌ ٿيندي جيڪڏهن هڪ ٽنل ايم اي جناح  روڊ کان ميونسپل پارڪ تعمير ڪيو وڃي، تعميراتي ڪمن سان ايم اي جناح روڊ تي موجود مارڪيٽن ۾ هلندڙ سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ به ڊگهو عرصو گهربل آهي انڪري ٻه ڪلو ميٽر ٽنل جي تعمير فزيبل نه آهي. وڏي وزير چيو ته بي آر ٽي گرين لائن جو حصو ايٽ-گريڊ تعمير ڪيو وڃي ته جيئن اهو جلد مڪمل ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته ان جي تڪميل تي اڳئي گهڻو وقت لڳايو ويو آهي. ڪنسلٽنٽ وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايٽ-گريڊ چئن لائنن وارو ٽريڪ هوندو جنهن جي ڪجهه حصن تي ٽن لائن تائين گهٽتائي ڪئي وئيندي. ان تي وڏي وزير ڪنسلٽنٽس تي زور ڀريو ته اهي ٽريف انجنيئر ذريعي انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ گرين لائن جي هلندڙ رٿا ڪڏهن به ڏينهن جي روشني ۾ نه ڏٺو ويندو، مراد علي شاهه چيو ته ٻيا مختلف روڊ جهڙوڪ لياري، ڪياماڙي، هاڪس بي، فشريز ۽ ٻين مختلف علائقن کان ايم اي جناح روڊ سان ڳنڍڻ ۾ ڏکيائيون اينديون. اهم مسئلو بي آر ٽي جي مختلف روڊن جو مکيه جنڪشن سان ڳنڍڻ جو هوندو انڪري اسان کي ان کي ايٽ گريڊ بڻائڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *