ڪراچي شهر مان قبضا ۽ غير قانون هائيڊرينٽ جو فوري خاتم ڪيو وڃي، نه ته ڪارروائي ٿيندي: شرجيل ميمڻ

KHI1-4ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ واٽر بورڊ ۽ بلديات کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي فوري طور تي شهر ۾ قائم قبضن ۽ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ جي خاتمي جون هدايتون ڏيندي کين خبردار ڪيو ته 10 آڪٽوبر کان پوءِ جيڪڏهن شهر ۾ هڪ به غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ نظر آيو ته ڄاڻايل علائقي جو چيف انجنيئر،سپريٽنڊنٽ انجنيئر ۽ ايڪس اين کي معطل ڪيو ويندو. 15 آڪٽوبر کان پوءِ پوري شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ قبضن جو خاتمو نه ٿيڻ تي لاڳاپيل ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر به معطل ڪيا ويندا. بلديات کاتي جي گريڊ 19 جي آفيسر جي سربراهي ۾ هڪ مانيٽرنگ ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا صوبي ۾ صفائي سٿرائي ۽ قبضن جي حوالي سان روزانو جي بنياد تي رپورٽ ڏيندي. ڪي ايم سي مان 800 گوسڙو ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ سمورن کاتن جون لسٽون تيار ڪيون پيون وڃن. ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته هو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ملي ان کي استدعا ڪري ته هو غيرقانوني ڪمن تي عدالتن پاران اسٽي آرڊر تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هاڻ عوامي مسئلن تي ڪنهن قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي آفيسر يا ملازم سرڪاري حڪمن جي پاسداري نه ڪندا انهن کي سرڪاري ملازم نه رهڻ ڏنو ويندو. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بلديات کاتي جي سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهر ۾ قرباني جي جانورن جا اوجهه کڻي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ شهر ۾ فوري صفائي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي پنهنجي آفيس ۾ بلديات کاتي ۽ واٽر بورڊ جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري بلديات عبدالرشيد سولنگي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڪي ايم سي جي انچارج بلال منظر، سمورن ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ميونسپل ڪمشنرز، انچارج واٽر هائيڊرينٽ ڪراچي، چيف انجنيئر ۽ ٻيا به موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير 20 سيپٽمبر2014 کان صوبي ۾ شروع ڪيل ماهوار صفائي ۽ قبضن خلاف مهم جي حوالي سان مڪمل رپورٽ طلب ڪئي ۽ جن جن علائقن ۾ صفائي جي ڪمن ۾ ڪوتاهي نظر آئي اتي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنرن کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ کين فوري طور تي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مهم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 3 مهينا اڳ شهر ۾ 90 کان وڌيڪ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ هئا، جن مان 40 کان وڌيڪ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ کي مسمار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 50 واٽر هائيڊرينٽ جي خاتمي لاءِ  ايم ڊي واٽر بورڊ کي 10 آڪٽوبر 2014 تائين مهلت ڏني وئي آهي. هن چيو ته مهلت گذرڻ کان پوءِ شهر جي جنهن به علائقي ۾ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ جي اطلاع ملي ته ڄاڻايل علائقي جو چيف انجينئر، سپرينڊنٽ انجنيئر ۽ ايڪس اين کي معطل ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هن وقت شهر ۾ ڪل 16 قانوني واٽر هائيڊرينٽ موجود آهن، جيڪي 3 مهينا اڳ 23 هئا، جڏهن ته غيرقانوني ۽ عوام کي پاڻي جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ 8 قانوني واٽر هائيڊرينٽ جا اجازت ناما به رد ڪري انهن کي ڊاٿو ويو آهي، جڏهن ته ڪورنگي ۾ هلندڙ هڪ وڌيڪ قانوني هائيڊرينٽ کي اڄ کان بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته 20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ماهوار صفائي ۽ قبضن خلاف مهم جو 100 سيڪڙو ته نه پر ته ڪنهن حد تائين مثبت نتيجا ملي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان اڄوڪي اجلاس ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ سمورن ضلعن جي ذميوارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ کين 15 آڪٽوبر 2014 تائين جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي، جنهن کان پوءِ شڪايتن تي ڄاڻايل ميونسپل ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽرمعطل ڪيا ويندا. هن اينٽي انڪروچمينٽ کاتي جي انچارج بلال منظر کي به هڪ هفتي اندر اندر ڪراچي ۾ غيرقانوني شادي هالن، پارڪن ۽ ٻين رفاهي پلاٽن سميت رستن ۽ گهٽين ۾ قائم قبضن جي مڪمل تحريري رپورٽ جمع ڪرائڻ ۽ 15 آڪٽوبر کان اڳ انهن سمورن غيرقانوني ۽ رفاهي پلاٽن تي قائم شادي هالن ۽ ٻين قبضن جي خاتمي جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر ڪراچي ۾ غيرقانوني سائن ۽ بل بورڊز کي به فوري طور تي هٽائڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته بلديات کاتو ۽ ان جي ماتحت سمورن کاتن مان گوسڙو ملازمن جي خاتمي جي مهم جي به شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کيس ڪي ايم سي ۾ عارضي نوڪري حاصل ڪري نوڪري تي نه ايندڙ 800 ملازمن کي سندن نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جي رپورٽ اڄ پيش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ڊي ايم سيز، ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي سطح تي سڀني کي فوري طور تي پنهنجن پنهنجن کاتن ۾ گوسڙو ملازمن جون لسٽون تيار ڪرڻ جي آخري ڀيرو وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ موجود سمورن اسٽريٽس لائٽس کي فعال ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي ڇو ته اسٽريٽ لائٽس جي بندش ڪرائيم جو سبب بڻجھي رهي آهي. هن چيو ته غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ جي خاتمي لاءِ گهربل سيڪيورٽي فورسن لاءِ هن آئي جي سنڌ، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز کي هن چيو ته کيس خط موڪليا ويا آهن ء۽ انهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي حساس جاين تي قائم غير قانوني واٽر هائڊرينٽس جي خاتمي لاءِ انهن جي مدد ڪئي وڃي، ميڊيا ۽ عوام به ان سلسلي ۾ اسان جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ۽ 10 آڪٽوبر کان پوءِ ڪنهن به علائقي ۾ ڪوبه غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ يا گهرن ۾ منرل واٽر ٺاهيندڙ فيڪٽري جي اطلاع کين ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورن اپائن باوجود شهر ۾ پاڻي جي 350 کان 450 ملين گيلن روزانو پاڻي جي کوٽ جو خاتمو ممڪن ته نه ٿو ٿي سگهي آهي البته جن جن علائقن ۾ انهن غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ سبب مشڪلاتون آهن انهن جو ازالو ممڪن ٿي ويندو، جڏهن ته ايندڙ 3 کان 4 سالن دوران ٺهندڙ ڪي فور پروجيڪٽ ۽ 18 کان وڌيڪ جاين تي آر او پلانٽس جي سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪري فراهم ڪرڻ واري منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان بحران کي منهن ڏئي سگهبو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 9 مهينا اڳ هن بلديات کاتي جو جارچ سنڀاليو ۽ هن وقت تائين هن ڪنهن به هڪ هائيڊرينٽ کولڻ جي اجازت ناهي ڏني. هن چيو ته هاڻ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *