ڪراچي شهر جِي اهڙي حالت ڪئي اٿئو جو هاڻ رهڻ جَي قابل ناهي رهيو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (م.ڊ) چيف جسٽس گلزار احمد چيو آھي تھ ڪراچي  شهر جِي اهڙي حالت ڪئي اٿئو جو هاڻ رهڻ جَي قابل ناهي رهيو، روڊن تي مارڪيٽون تعمير ٿي وڃن ٿيون، گرين ايرياز، پارڪس ۽ راندين جا ميدان الاٽ ٿي رهيا آهن ۽ سيڪريٽري اسلام آباد ۾ ويٺو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد سپريم  ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين ۽ ٻين ڪيسز جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا، عدالت هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ ٻين کان هڪ مهيني اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، رفاعي پلاٽس تان فوري طور قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۾ ڳڙٻڙ آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري دفاع کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن فوجي ڇانوڻين جو دورو ڪري ٻڌايو وڃي ته فوجي زمين رڳو اسٽريٽجڪ مقصدن لاءِ آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ فوجي عدالت جي زمين تجارتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن وٽ لکيل رپورٽ آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري دفاع چيو ته لکت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي توهان زمين تي ڇا پيا ڪريو، زمين اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي مقصدن لاءِ ڏني وئي. جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان فوجي زمين تي ڪمرشل سرگرميون شروع ڪيون، شادي هال ٺاهيا، سئنيما ٺاهيا، هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهيون، ڇا اهو دفاع لاءِ آهي؟ سيڪريٽري دفاع چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ايئن ٻيهر نه ٿيندو، جسٽس قاضي امين سيڪريٽري دفاع کي ڇنڊپٽيندي رمارڪس ڏنا ته هي توهان ڇا چئي رهيا آهيو، جيڪو ڪيو اٿو، اهو ختم ڪرڻو پوندوچيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان اسلام آباد ۾ ويٺا آهيو، توهان کي خبر آهي ته هتي ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن چيو ته مسرور بيس ڪيماڙي ۽ فيصل بيس کي ڪمرشل بڻايو ويو آهي، جڏهن سائن بورڊ هٽائڻ جو چيو ته ان جي پويان وڏيون عمارتون ٺاهيون ويون. عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *