ڪراچي شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ٻن ڏينهن دوران انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل اختياريون بنا دير عوام جي واهر ڪن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پي پي پي چيئرمين چيو ته صوبائي گادي واري شهر ۾ برسات دوران حادثن جي نتيجي ۾ معصوم ماڻهن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن کيس ۽ ملڪ جي ٻين سمورن شهرين کي ڏکارو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، جڏهن ته شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي توڙي صوبي جي ٻين علائقن ۾ تيز برساتن جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ لاءِ صوبائي ۽ مڪاني ادارا هڪٻئي سان سهڪار ڪندي گڏجي ڪم ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *