ڪراچي سميت صوبي ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ سخت قانون جلد سنڌ اسيمبلي کان منظور ڪرايو پيو وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ پاڻي جي چوري کي روڪڻ لاءِ سخت قانون جلد ئي سنڌ اسيمبلي کان منظور ڪرايو پيو وڃي، جنهن تحت پاڻي جي چوري ۾ ملوث شخص کي نه صرف سزا ڏياري ويندي، بلڪ ان کي ڳرو ڏنڊ به ادا ڪرڻو پوندو. پاڻي چوري ۾ ملوث شخص سان ڪنهن قسم جي ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. پاڻي جي ناجائز ڪنيڪشن رکندڙ پاڻمرادو ناجائز ڪنيڪشن ختم ڪري ڇڏين ته جيئن هو سزا ۽ ڏنڊ کان بچي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي پنهنجي آفيس ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جي اجلاس جي موقعي تي ڪيو. شرجيل ميمڻ چيو ته صوبي ۾ پاڻي چوري خلاف سخت قانون بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڻي چوري ڪندڙن کي سزا ۽ ڳرو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو. شرجيل ميمڻ چيو ته پاڻي چوري خلاف قانون سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو پيو وڃي ۽ پاڻي چوري ڪندڙن کي ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪوبه شخص پاڻي چوري ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان سان ڪنهن قسم جي ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. شرجيل ميمڻ چيو ته سزا ۽ ڏنڊ کان بچڻ لاءِ پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻهو پاڻمرادو پنهنجا ناجائز ڪنڪيشن ختم ڪري ڇڏين. ڪارروائي جي صورت ۾ هو سزا ۽ ڏنڊ کان ڪنهن صورت ۾ بچي نٿا سگهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ جي عملدارن کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته ڪنهن به صورت ۾ پاڻي چوري ۾ ملوث شخص کي بخش نه ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *