ڪراچي دهشتگردن جي نشاني تي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو اهي ته سيوهڻ شريف واقعي کان پوءِ سنڌ حڪومت دستياب وسيلن ۾ ڀرپور امدادي ڪارروايون ڪيون آهن ڪجهه ماڻهن ڏک جي ان گهڙين ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ بدران اسان تي تنقيد ڪئي الله انهن کي هدايت ڏي آپگهاتي بمبار جو تعلق سنڌ سان نه هو اسان جاچ ڪري رهيا آهيون ته آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ به ڪنداسين ۽ ان جي سهولتڪارن ڏانهن به پهچنداسين اسان وفاقي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته ڪجهه مذهبي تنظيمن کي واچ لسٽ ۾ وڌو وڃي ڇو ته انهن جا دهشتگردن سان سڌا رابطا آهن درگاهن جي سيڪيورٽي جا قدم کنيا آهن ڪراچي دهشتگردن جي نشاني تي آهي سنڌ حڪومت دهشتگردن خلاف وڙهڻ ۽ انهن جي خاتمي جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي سياستدانن جي لاءِ وڙهڻ ۽ ٻيا وڏا معاملا آهن دهشتگردي جي خلاف اسان سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو دهشتگردي خلاف جنگ هڪ قومي ڪاز آهي هو سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ سيوهڻ شريف واقعي تي پاليسي بيان ڏيئي رهيو هو وڏي وزير چيو ته سيوهڻ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي ڪجهه منٽن کان پوءِ اسپتال ۾ ايمبولنس گاڏيون موجود هيون جڏهن ته مان اتي رات جو ساڍي 12 وڳي پهتس ته سيوهڻ اسپتال ۾ 25 ايمبولنس گاڏيون موجود هيون ۽ اتي 40 مريض هئا ان اسپتال ۾ ڪوبه وڏو آپريشن نه ٿي سگهيو ان لاءِ وڌيڪ سخت زخمين کي نوابشاهه ڄامشورو ۽ دادو جي اسپتالن ۾ موڪليو ويو وڌيڪ شهرن ۽ ضلعن مان به ايمبولنس گاڏيون ۽ ڊاڪٽر سيوهڻ پهتا هئا نوابشاهه جي ڊپٽي ڪمشنر ايمبولنس گاڏيون ۽ ڊاڪٽر کڻي اتي پهتو هو آرمي چيف ۽ نيول چيف مون سان رابطو ڪيو آرمي ۽ نيوي به اسان جي مدد ڪئي هن چيو ته ماڻهن اسان تي تنقيد ڪئي الله انهن کي هدايت ڏي هو تنقيد ڪندا رهن اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين وڏي وزير چيو ته سيوهڻ بم ڌمامي ۾ 81 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 383 زخمي ٿيا شهيدن ۾ 46 مرد ۽ 10 عورتون ۽ 15 سالن کان گهٽ عمر جا 25 ٻارڙا شامل آهن 81 شهيدن مان 78 جي سڃاڻپ ڪئي ويئي آهي ٽن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ٻه لاش ايڌي سردخاني ۾ رکيا ويا آهن 383 زخمين مان هن وقت صرف 10 زخمي علاج هيٺ آهن باقي اسپتالن مان ڊسچارج ٿي چڪا آهن سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حضرت لال شهباز قلندر جي مزار جي بجلي جو بل ادا ڪيو ويو هو ان باوجود به بجلي ڪٽي ويئي هئي. ڌمال جي وقت شام 6 کان رات 8 وڳي تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي هئي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پ پ پ جي دور ۾ راجا پرويز اشرف درگاهه جي لاءِ هڪ بجلي جي الڳ لائين ڏني هئي جنهن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي هئي اها لائين ڪٽي ويئي هئي ۽ اتي بهانو بڻايو ويو هو ته بجلي چوري ٿي رهي آهي چوري روڪڻ بدران سڄي لائين ڪٽي ويئي هن چيو ته اسان موجوده وسيلن ۾ ڀرپور امدادي ڪارروايون ڪيون واقعي ۾ 500 ڄڻا متاثر ٿيا ظاهر آهي ته سيوهڻ ۾ 500 ايمبولنس گاڏيون موجود نه هيون تعلقي اسپتال ڪم ڪري رهي هئي ماڻهن اتي پنهنجي گاڏين ۾ زخمين کي اسپتال پهچايو سيوهڻ اسپتال جي ايم ايس زبردست ڪم ڪيو سيوهڻ ۾ رت ڏيڻ لاءِ ماڻهن جون قطارون لڳل هيون مان سيوهڻ جي ماڻهن کي سلام پيش ڪيان ٿو آرمي چيف نيول چيف ۽ ايئرفورس چيف سان گڏوگڏ ڪورڪمانڊڙ ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز به مون سان رابطو ڪيو ۽ مدد به ڪئي مان انهن جو ٿورائتو آهيان مان رات جو نيوي جي هيليڪاپٽر ۾ سيوهڻ پهتس جڏهن مان اتي پهتس ته آءِ جي پوليس ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي مون سان گڏ هئا ريسڪيو جو ڪم سٺي طريقي سان ٿيو مان سيوهڻ پهچندي ئي اسپتال ويس ۽ پوءِ درگاهه تي حاضري ڀري مان اتي امن وارو اجلاس منعقد ڪيو ان کان پوءِ نوابساهه ويس ۽ زخمين سان مليس هن چيو ته مان اهو مڃان ٿو ته درگاهه تي نفري گهٽ هئي شاهه نوراني ۾ پهرين دهشتگردي جو واقعو ٿي چڪو هو اسان کي وڌيڪ تيار ڪرڻ گهرجي ها هن چيو ته سيوهڻ مان ڪوبه وي وي آءِ پي پوليس جي هڪ گاڏي پاڻ سان کڻي نه ويس. هن چيو ته اسان درگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ پاليسي جوڙي آهي ڇو ته دهشتگرد اتي حملو ڪرڻ چاهين ٿا جتي وڌيڪ نقصان ٿئي هن چيو ته ڪراچي ۾ خطرا آهن ۽ ڪراچي دهشتگردن جي نشاني تي آهي اسان اڄ ئي وڏا هٿيار ۽ بارود پڪڙيو آهي هڪ دهشتگرد پوليس جي مقابلي ۾ مارجي ويو ۽ ڪجهه گرفتار ڪيا ويا آهن هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب درگاهه تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرا جي فوٽيج بليڪ اينڊ وائيٽ ٿي ويئي هئي ڇو ته ان وقت اتي جنريٽر هلي رهيا هئا ان فوٽيج جي مدد سان به اسان آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ڪنداسين آپگهات جو ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه مذهبي دهشتگرد موجود آهن خاص طور تي ٻين صوبن سان مليل آهن سرحدي ضلعا خاص طور تي ڪشمور جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي ۾ انهن جون سرگرميون ڏٺيون ويون آهن حڪومت بلوچستان سان گڏجي ٻنهي صوبن جي سرحدي علائقن کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي هن چيو ته وفاقي گهرو وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ مون ليڪچر ڏي ته مان ان کي اهو چوان ته الله ان کي هدايت ڏي هو صرف سنڌ ۾ هڪ ڀيرو آيو ان کان بعد به هن اسان تي تنقيد ڪئي هن چيو ته سيوهڻ جو واقعو صرف سنڌ تي نه پر سڄي انسانيت جي حملو آهي جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا هئا انهن جي جنازي نماز مزار جي اڱڻ ۾ ئي ٿي هئي. اسان ٻئي ڏينهن اتي ڌمال به ڪرائي ٽن ڏينهن ۾ اسان مزار عوام لاءِ کولي ڇڏي هن چيو ته سنڌ حڪومت پڪو پهه ڪيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه جاري رهندي ڪجهه مذهبي تنظيمن جي نشاندهي به ڪئي ويئي اهي جنهن جا دهشتگردن سان رابطا آهن. اسان سياستدانن جي لاءِ وڙهڻ لاءِ ٻيا ڪيترائي معاملا آهن پر دهشتگردي جي خلاف اسان سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سيوهڻ واقعي ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ غير مسلم به مارجي ويا آهن اهو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي هونئن ته سڄي سنڌ ۾ هر واقعي جي ذميواري منهنجي آهي پر سيوهڻ نه صرف منهنجو تڪ آهي پر منهنجو گهر به آهي هن چيو ته آپگهاتي بمبار جو تعلقي سنڌ سان نه آهي هن چيو ته ڏک وارين انهن گهڙين ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ بدران ڪجهه ماڻهو اسان تي تنقيد ڪئي ان تي به ڏک ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *