ڪراچي: حساس هنڌن سميت اهم جاين تي 25 هزار ڪيمرا لڳائڻ جي سفارش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر جي حساس هنڌن سميت ٻين جاين تي 25 هزار ڪيمرا لڳائڻ لاءِ سفارشون اماڻيونويون، 4 سئو هنڌن تي نون ۽ جديد 2 هزار ڪيمرا لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو ڊسمبر تائين آپريشنل ٿي ويندو، تفصيل مطابق، ڪراچي جي حساس هنڌن جي مانيٽرنگ لاءِ 25 هزار ڪيمرا لڳائڻ لاءِ سفارشون تيار ڪري اعليٰ عملدارن کي اماڻيون ويون، ان ڏس ۾ سنڌ پوليس جي انفارميشن ٽيڪنالي جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته ڪراچي وڏو شهر آهي، لڳل ڪيمرائن جو انگ اٽڪل 4 هزار آهي جنهن جي مانيٽرنگ لاءِ 25 هزار ڪيمرا هئڻ گهرجي، شهر جي حساس هنڌن جي مڪمل مانيٽرنگ ٿي سگهندي، شهر جي 4 سئو هنڌن جي نشاندهي ڪري اتي جديد ڪيمرا لڳائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، ڄاڻايل ڪيمرائن جي ريزيوليشن هاءِ آهي ۽ ان جا پلسلز به ڪافي وڌيڪ آهن جنهن سبب بهتر نتيجا آڏو انيدا، جن 4 سئو هنڌن تي ڪيمرا لڳايا پيا وڃن انهن ۾ اهي به علائقن شامل آهن جيڪي نهايت حساس سمجها وڃن، انهن علائقن ۾ ڪيمرائون لڳايون وينديون جن علائقن جي مانيٽرنگ اڻٽر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *