ڪراچي جي پٽيل پاڙه ۾ نجي اسڪول ۾ پسند جي شادي نه ٿيڻ تان جوڙي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ واقع هڪ نجي اسڪول ۾ ميٽرڪ جي شاگرد نوروز حميد ۽ شاگردياڻي فاطمه مائٽن پاران پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان مايوس ٿي اڱاري جي ڏينهن صبح جو پنهنجي ڪلاس روم ۾ پستول جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. چيو وڃي ٿو ته ٻنهي ٻارن پنهنجي والدين کي چيو هو ته سندن شادي ڪرائي وڃي پر ٻنهي ٻارن جي والدين سندن شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي هڪٻئي سان اهو اقرار ڪيو ته جيڪڏهن زندگي گڏجي نٿا گذاري سگهون ته گڏ مرڻ کان اسان کي ڪير به روڪي نه سگهندو. پوليس ذريعن موجب ته سومر جي ڏينهن صبح جو ٻئي ڄڻا اسڪول پهتا ۽ اسڪول جا ٻيا سڀ ٻار اسيمبلي ۾ وڃي بيٺا ته هنن پنهنجي ڪلاس ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس موجب فاطمه پنهنجي ڪتابن واري ٿيلهي ۾ پستول کڻي آئي هئي جيڪو هن نوروز کي ڏنو جنهن پهريان فاطمه کي لوندڙي ۾ گولي هڻي ماريو ۽ پوءِ پاڻ کي به لوندڙي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ اسڪول جي سمورن شاگردن توڙي استادن ۾ ڏهڪاءِ پکڙجي ويو ۽ اسڪول ۾ موڪل ڪئي وئي. پوليس کي نوروز جي ڪتابن واري ٿيلهي مان هڪ خط پڻ مليو آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته بابا امان معاف ڪجو توهان کي منهنجي جان سٺي نٿي لڳي، ان ڪري توهان منهنجي شادي ڪنهن ٻئي سان ڪرائڻ ٿا چاهيو پر امان مان فقط فاطمه کي پنهنجي زال بنائڻ چاهيان ٿو ۽ اها ڳالهه اوهان کي منظور ناهي، مان اڄ فاطمه سان گڏ پنهنجي مرضي سان خود ڪشي ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته اسان جيستائين جيئرا آهيون اوهان اسان کي هڪ ٿيڻ نه ڏيندا پر الله وٽ اسان ٻئي گڏ وڃڻ ٿا چاهيون، خدا حافظ امان ۽ بابا آءِ لو يو پر فاطمه منهنجي جان آهي مان ان کان الڳ ٿي نٿو رهي سگهان، ان لاءِ معافي خدا حافظ الله سائين منهنجي ماءَ ۽ پيءَ جو خيال رکجان باءِ الله سائين مان اچان پيو تو وٽ باءِ . نوروز حميد وري ان جي هيٺان هن لکيو آهي ته امان منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي قبر فاطمه جي قبر سان گڏ ئي ٺاهجو پليز اها منهنجي آخري خواهش آهي اوڪي باءِ باءِ آءِ لو ماءِ آل فيملي واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ نوروز پنهنجي فيس بوڪ تي آخري اسٽيٽس رکيو هو جنهن ۾ به هن لکيو آهي ته سڀاڻي مان مري ويندس پر منهنجو پهريون پيار ڪڏهن به نه مرندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *