ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جون ڪارروائيون،3 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز سان مقابلن ۾ منشيات فروش سميت 3 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته پوليس هڪ گهر تي ڇاپو هڻي 30 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو. گلشن اقبال واري علائقي ۾هٿياربندن گهر اندار داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اطلاع تي پوليس پهچي وئي. پوليس کي ڏسندي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو. لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي دوران هڪ ڏوهاري کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته مومن آباد واري علائقي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ منشيات فروش مارجي ويو. ٻي طرف اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران 30 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو. ايس ايس پي انويسٽي گيشن لطيف صديقي چيو ته ڪارروائي دوران ڪابه گرفتار عمل ۾ نه آئي آهي. هوڏانهن رينجرز نارٿ ڪراچي ۽ ناظم آباد واري علائقي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگردن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *