ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري هئڻ باوجود امن قائم نه ٿي سگهيو، لياري ۽ اورنگي ٽائون ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، پوليس مقتول جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال کڻائي وئي. اورنگي ٽائون ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کان حياتي کسي ورتي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *