ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪارروايون، 10 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) ڪرچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ فائرنگ ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، رينجرز ترجمان مطابق سپر هاءِ وي ويجهو ڪاٺوڙ واري هنڌ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو ته دهشتگردن دستي بمن سان حملو ڪيو. رينجرز پوزيشنون سنڀالي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. ترجمان جو چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل  تنظيم سان هو جيڪي رمضان جي ڀلاري مهيني دوران صوبي ۾ دهشتگردي جي رٿا بندي ڪري رهيا هئا.ترجمان مطابق مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ايس ايم جي ،آپگهاتي جيڪيٽون ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا.رينجرز ترجمان ٻڌايو ته منگهو پير ۽ سلطان آباد ۾ به ڪارروائيون ڪيون ويون ،جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، هن ٻڌايو ته ڪاررواين دوران دهشتگردن جي ڪاررواين ۾ 3 اهلڪار زخمي پڻ ٿي پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *