ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ وار جي ٻن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري لينگ وار جي ٻن جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار ڀتو نه ڏيڻ تان ملير بار جي اڳوڻي صدر صلاح الدين حيدر ۽ سندس پٽ کي قتل ڪيو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت 7 ۾ سال 2002 دوران قتل ڪيل ملير بار جي اڳوڻي صدر صلاح الدين حيدر ۽ سندس پٽ ارسلان جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي لياري گينگ وار سان تعلق رکندڙ محسن علي ۽ عابد عرف ڪلو کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو. جوابدارن سال 2002 ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان فائرنگ ڪري ملير بار جي اڳواڻي صدر صلاح الدين حيدر ۽ سندس پٽ ارسلان کي قتل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *