ڪراچي جي بلديا فيڪٽري کي ڪيميڪل ذريعي ڄاڻي واڻي باهه ڏيڻ جي تصديق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بلديا فيڪٽري کي ڪيميڪل ذريعي ڄاڻي واڻي باهه ڏيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق بلديا فيڪٽري سانحي کانپوءِ ڪارخاني جو معائنو ڪندڙ فارنزڪ ليبارٽري ۽ انٽرنيشنل سينٽر فار ڪيميڪل اينڊ بايولوجيڪل سائنسز ليبارٽري جي ماهرن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿي ويو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه ڪيميڪل ذريعي لڳائي وئي، ماهرن مطابق اهو ڪيميڪل فيڪٽري ۾ اڇلائڻ سان باهه ڀڙڪندي وئي ۽ ڪارخاني ۾ موجود سوين ملازم حياتي بچائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي حياتي وڄائي ويٺا، ليبارٽري ماهرن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته واقعي واري هنڌان گڏ ڪيل نمونن مان استعمال ڪيل ڪيميڪل جو پتو ته لڳائي نه ٿو سگهجي پر ثبوتن جي مختلف ڪيميائي تجربن جي روشني ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته باهه ڄاڻي واڻي لڳائي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *