ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جو طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر تجويز ڪن ته ڊاڪٽر عاصم کي اسپتال داخل ڪيو وڃي. احتساب عدالت جي جج سعيد قريشي جي عدالت ۾ بدعنواني ڪيس ۾ پيٽروليم واري اڳواڻي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين کي پيش ڪيو ويو.. ڪيس جي جاچ آفيسر ضمير عباسي عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم خلاف اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 170 ملين ڊالر جي ڪرپشن سامهون آئي آهي، جڏهن ته دبئي ۾ ويٺل سندس فرنٽ مين عبدالمجيد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ٿيو آهي جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو، جنهن سبب وڌيڪ جاچ لاءِ 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي. ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل رضا نقوي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عاصم حسين تي جيڪي به ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا آهن، اهي سڀ ڪوڙا آهن، هيستائين ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جا ڪي به ثبوت ناهن مليا آهن، جنهن سبب کيس بنا دير آزاد ڪيو وڃي. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عاصم حسين کي وڌيڪ 10 ڏينهن لاءِ نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جو جناح اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر تجويز ڪن ته پوءِ عاصم حسين کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *