ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وڏي بد قسمتي جي ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ ڪچري کي اسان سڀني کي گڏجي ڪري صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جيڪي ٻئي وفاقي سرڪار ۾ شامل آهن اهي ڪراچي جي ان اشو تي صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن ۽ اهي ڪراچي کي سازشن تحت عذاب ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن ته جيئن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي اميج کي نقصان پهچائي سگهجي ڪچري سان سنڌ حڪومت جو سڌو سئنون قانون جي مطابق تعلق نه آهي لڳي ٿو ته ميئر ڪراچي ان وقت پي ٽي آئي جي ايجنڊي تي آهي ۽ هو ايم ڪيو ايم، پي ٽي آئي جي بي ٽيم آهي مان وٽ اهڙي ڪا پيرني ناهي جيڪا جادو پڙهي ۽ پاڻي سڪي وڃي پيپلزپارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ بڻائن جي خواهش ۽ خواب نوان ناهن ۽ جيڪي خواب ۽ خواهش اهي رکندا آهن سنڌ جي عوام گذريل 10 سالن کان هنن کي ذليل ۽ رسوا ڪيو آهي ۽ هاڻي اهي ڪجهه بچي ويا آهن اهي به انشاالله آئنده ختم ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جامع ڪراچي جي شيخ زاهد اسلامڪ سينٽر ۾ نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف ليبر ايڊمنسٽريشن (نيلات) جي انظام هيٺ گولڊن جوبلي جي موقعي تي پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلومه ايوارڊ جي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پورهئي کاتي وارو سيڪريٽري رشيد احمد سولنگي، ڪاشف گلزار ڪمشنر سيسي، شيخ امتياز علي ڊي جي نيلات، ۽ ٻيا به ان سان گڏ موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پورهئي کاتي واري وزير سعيد غني چيو ته قنون جي مطابق گهٽين، پاڙن ۽ روڊن تان ڪچري کڻڻ جو ڪم ڊي ايم سيز جو آهي. هن چيو ته سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ڊي ايم سيز جي مدد لاءِ بڻايو ويو آهي ۽ هو پنهنجي مرضي سان نه بلڪه ڊي ايم سيز جي ڪونسل جي منظوري کانپوءِ انهن ڊي ايم سيز ۾ صفائي ۽ ڪچري کڻڻ جو ڪم ڪندو آهي. سعيد غني چيو ته چار ڊي ايم سيز کي اختيار ڏنو آهي ۽ ٻن کي ناهي ڏنو ان لاءِ سولڊ ويسٽ ان چار ڊي ايم سيز ۾ ڪم ڪندو آهي البت دسٽرڪ ويسٽ ۾ مذڪوره ڪمپني مهائدي مطابق ڪم ناهي ڪيو انهي لاءِ ان جو مهائدو رد ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سولڊ ويسٽ ٽن ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مان دعوي سان چوان ٿو ته ان وقت ڊسٽرڪ ايسٽ، ملير ۽ سائوٿ ۾ ٻين ڊسٽرڪ جي مقابلي ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال بهتر آهي. سعيد غني چيو ته ميڊيا جيڪو ڪچرو ڏيکاري ٿو اهو سينٽرل يا ڪورنگي يا ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ ٻين وفاقي ايجنسين جي انتظام هيٺ علائقن کي ڏيکاري ٿو. هن چيو ته گذريل مهيني جڏهن مان بلديات جو وزير هئس ان وقت هڪ اجلاس دوران ڊسٽرڪ سينٽرل ۽ ڪورنگي جي چيئرمين اسان کان ان حوالي سان مدد گهري ته اسان سنڌ سولڊ ويسٽ کي پابند بڻايو ته هو ان جي مدد ڪن ۽ انهن جي دسٽرڪ جي ڪچري کي ليند فل سائيڊ تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ۽ ان کانپوءِ پاڻ ڊي ايم سي سينٽرل ۽ ڪورنگي جي چيئرمين ان تي اسان جو شڪريو ادا ڪيو سعيد غني چيو ته مونکي افسوس آهي ته ميئر ڪراچي گذريل ڏينهن بحريه ٽائون ۽ ٻين ادارن جو شڪريو ادا ڪيو ته هو ان جي مدد ڪري رهيا آهن پر هاڻي تائين بحريه ٽائون جيڪا صفائي ڪئي ان مان 31 ڊمپر لينڊ فل سائيد تي انهن پهچايا مان به انهن جو شڪريو ادا ڪندو آهيا سنڌ سولڊ ويسٽ صرف ڊسٽرڪ سينٽرل مان 183 ڊمپر کڻي ڪري پهچايا ته ميئر ڪراچي ٻه لفط شڪريئي جا انهن کي به چئي ها هن چيو ته لڳي ٿو ته ميئر ڪراچي پي ٽي آئي جي ايجنڊي تي آهي ۽ اها ڳالهه مان ڪيترائي مهينن کان چوان پيو ته ان وقت ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پي ٽي آئي جي بي ٽيم بڻيل آهي جيڪو ڪم پي ٽي آئي نٿي ڪري سگهي  اهو ايم ڪيو ايم کان ڪرائي رهي آهي سعيد غني چيو ته مان ڪيتري عرصي کان چئي رهيو آهيان ته سيوريج جي لائنن ۽ گٽرن ۾ ٻوريون وجهي بند ڪيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڻ علي زيدي ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي پاڻ هڪ ٽوئٽر تي پوسٽ ڪئي ته سيوريج جي لائنن ۾ ٻوريون وڌيون ويون آهن. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ميئر ڪراچي چوي ٿو ته صوبائي حڪومت کي ٽيڪس نه ڏيو ان سال سنڌ حڪومت ڪراچي جي مختلف ترقياتي ڪمن تي 125 ارب خرچ ڪرڻ پئي وڃي جڏهن ته ان مقابلي ۾ وفاقي حڪومت جنهن کي ميئر ڪراچي ٽيڪس نه ڏيڻ جو عوام کي چئي رهيو اهي ان پنهنجي بجيٽ ۾ صرف 12 ارب رپيا ڪراچي لاءِ رکيا اهن هن چيو ته وفاقي حڪومت کان 162 ارب رپين جو مطالبو نه ڪري رهيا آهيون ڪي فور جي منصوبي لاءِ ڳالهه ناهي ڪئي ويندي 1200 ڪيوسڪ پاڻي جي اضافي ڪوٽا لاءِ ايم ڪيو ايم ڪڏهن ناهي ڳالهايو سعيد غني چيو ته اسان ڪراچي ۾ سڀن کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان ڪراچي کي مڪمل طور اوون ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي ان جي مسئلن کان پوئٽي هٽنداسين هن چيو ته اسان جي توجو ڪراچي تي آهي پر افسوس ته وفاقي وزير علي زيدي هجي يا ميئر ڪراچي وسيم اختر ٻئي ان تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري هيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *