ڪراچي جو اڳوڻو ناظم ۽ جماعت اسلامي جو اڳواڻ نعمت الله خان لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻو سٽي ناظم نعمت الله خان ڊگهي بيماري کانپوءِ 90 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته اڳوڻو ڪراچي جو ناظم گهڻي وقت کان بيمار هو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، نعمت الله خان ڪلفٽن جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو، سندس لاڏاڻو ڊگهي بيماري سبب ٿيو آهي، اڳوڻي سٽي ناظم جو مڙهه اسپتال کان ڊفينس ۾ سندس پٽ جي گهر آندو ويو جنهن کانپوءِ ان جو مڙهه تدفين تائين سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي، هڪ ڪامياب وڪيل، متحرڪ فلاحي شخصيت ۽ هڪ بي مثال ناظم جي سڃاڻپ رکندڙ نعمت الله خان وڏي شخصيت جو مالڪ هو، نعمت الله خان پهرين آڪٽومبر 1930 ۾ مشهور مسلم بزرگ خواجه معين الدين اجميري جي نگري ۾ اجمير شريف جي علائقي شاهه جهان پور ۾ ڄائو، شروعاتي تعليم شاهه پور مان حاصل ڪئي، سندس خاندان 1948 ۾ شاهه جهان پور انڊيا مان پاڪستان لڏپلاڻ ڪئي ۽ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو، ڪراچي اچڻ کانپوءِ شروعاتي ڏينهن ۾ سندس گهرڀاتين کي ڏکيائي کي منهن ڏيندي ڪيترن ئي سالن تي هڪ ڪمري ۾ گهر ۾ زندگي گذارڻي پئي، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ خاندان جي بقا لاءِ سخت جدوجهد ڪئي ۽ پارٽ ٽائيم جاب کانسواءِ ٽيوشن ذريعي زندگي جو گاڏو ڍڪيو، پاڪستان اچڻ کانپوءِ پنجاب يونيورسٽي مان گريجيوئيشن ڪئي، جڏهن ته فارسي ۾ ماسٽر ڊگري ڪراچي يونيورسٽِي مان حاصل ڪئي، ڪراچي يونيورسٽي مان ئي صحافت ۾ ڊپلوما کانسواءِ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيو جنهن کانپوءِ انڪم وڪيل طور وڪالت شروع ڪئي، شاگردي ڏينهن ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ فعال ڪارڪن طور ڪم ڪيو، انهن ڏينهن ۾ پاڻ شاهه جهان پور جي مسلم قانونساز اسيمبلي ميمبر سان گڏ قائد اعظم جي سربراهي ۾ ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليجسليٽرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، 1946 کان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين پاڻ مسلم ليگ نيشنل گارڊ ضلعي اجمير جو صدر رهيو، تحريڪ پاڪستان دوران اسلاميا ننڍي کنڊ پاڪ هنڌ سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ۽ پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي رياست بڻائڻ لاءِ 1957 ۾ جماعت اسلامي ۾ شامل ٿيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *