ڪراچي جو امن سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل ذميداري آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محمد زبير کي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون، سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن امان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته محمد زبير جي مقرري سان سنڌ ۾ سياسي عمل وڌيڪ پختو ٿيندو، ڪراچي آپريشن 2013 ۾ وفاقي حڪومت جي هدايت تي شروع ڪيو ويو، ڪراچي آپريشن کي هاڻي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، گهرو وزير چيو ته ڪراچي جو امن سمورين سياسي قوتن جي گڏيل ذميداري آهي، وقت اچي ويو آهي ته سموريون سياسي جماعتون پاڻ احتساب جو عمل اڳتي وڌائين، سياسي جماعتون ڏوهارين لاءِ دروازا هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *