ڪراچي جون رونقون بحال ٿينديون، پوليس کي اختيار اورانگهڻ نه ڏينداسين: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن نشتر پارڪ ۾ مجلس ٻڌي آهي ۽ سج لٿي واري نماز بنوري ٽائون مسجد ۾ ادا ڪئي ته جيئن صوبي ۽ خاص طور شهر ۾ فرقيواريت هم آهنگي ۽ ڀائيچاري  کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي. اها ڳالهه اڄ هن گرومندر جي ويجهو ڇولن جي چاٽ کائيندي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. ان سان گڏوگڏ ڪابينا جا ميمبر، آئي جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي مشتاق مهر، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.  وڏي وزير ڪلفٽن کان مائي ڪولاچي، کهارادر ۾ حسينيه ايرانيه امام بارگاهه جو دورو ڪيو ۽ ان کانپوءِ لياري جي گهٽين کان ٿيندي سولجر بازار ويو جتي هن دڪاندارن سان ملاقات ڪئي ۽ ماڻهن جا مسئلا ٻڌندي انهن کي يقين ڏياريو ته سندن جائز مسئلا حل ڪيا ويندا. وڏي وزير دڪاندارن کي چيو ته هو هتان جي روڊ کي 5 ڏينهن ۾ تعمير ڪرائيندو پر انهيءَ لاءِ اوهان جو تعاون گهربل هوندو ۽ روڊ جي تعمير دوران پنهنجين دڪانن کي بند ڪرڻو پوندو. جنهن تي دڪاندارن پنهنجي خوشي جو اظهار به ڪيو. ان کانپوءِ وڏي وزير جنهن جي جيپ سيد ناصر شاهه هلائي رهيو هو هن ايم اي جناح روڊ ڏانهن رخ ڪيو جتي هن مرڪزي جلوس جي لنگهه جو جائزو وٺندي آئي جي پوليس کي  ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي آئي جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه وڏي وزير کي جلوس واري رستي بابت تفصيلي ڄاڻ پڻ ڏني. ان کانپوءِ پلازه مارڪيٽ کان ٿيندي پريڊي پوليس اسٽيشن جي اندر ويو جتي پوليس اسٽيشن جي لاڪ اپ ۾ موجود ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا دريافت ڪيا. ۽ اتي ويٺل هڪ شڪايتي سان پڻ مليو جنهن ٻڌايو ته هن جي موٽر سائيڪل ٻن مهينن کان چوري ٿي وئي آهي جنهن تي وڏي وزير ايس ايڇ او کي هدايت ڪئي ته هن جي موٽر سائيڪل جلد ڳولا ڪري مونکي رپورٽ پيش ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آئي جي پوليس اي ڊي خواجه کي هدايت ڪئي ته هو پوليس اسٽيشنن ۾ ايس ايڇ اوز جي موجودگي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته مونکي شڪايتون مليون آهن ته ايس ايڇ اوز پنهنجن آفيسن ۾ نٿا ويهن. هن چيو ته جيڪڏهن اهي موجود نه هوندا ته پوءِ اهي ماڻهن جي شڪايتون ڪيئن ٻڌندا. هن چيو ته ها پيٽرولنگ به ضروري آهي پر پنهنجن آفيسن کي به وقت ڏيڻ ڏيڻ ضروري آهي. وڏي وزير پوليس اسٽيشن کان نڪرندي نمائش ويو جتي هن سبيل بابت اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ هو اوڏانهن پنڌ ڪري نشترپارڪ پهتو. نشتر پارڪ ۾ هن پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ علامه طالب جوهري جو خطاب ٻڌو. سيد مراد علي شاهه علامه طالب جوهري جي خطاب جي پڄاڻ کانپوءِ جامعيه بنوري ٽائون گرومندر ويو ۽ اتي ئي سج لٿي جي نماز ادا ڪئي. هن اتي جامعه جي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر عبدالرزاق اسڪندر ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. شاگردن نماز کانپوءِ وڏي وزير سان وڏي پاٻوهه سان ڀليڪار چيو. ان موقعي تي هن چيو ته پي پي جي حڪومت هميشه اسلام جي خدمت ڪئي آهي ۽ انهي ڳالهه جو ڪريڊٽ به پي پي کي وڃي ٿو ته هن بنا ڪنهن سماجي ۽ مذهبي تفريق جي ماڻهن کي ڀلي ڇٽي هيٺان گڏ ڪيو. ۽ ان کانپوءِ گرومندر فوڊ اسٽريٽ تي بيهي رهيا ۽ پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن، آئي جي پوليس سنڌ ۽ علائقن جي نمائندن سان گڏ ڇولا چاٽ کاڌي ۽ اتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن جا مسئلا پڻ ٻڌائون. چاٽ کائڻ کانپوءِ سيد مراد علي شاهه ڊي ايڇ اي فيز فوو ۾ يثرب امام بارگاه جو دورو ڪيو اتي هن امام بارگاه جي انتظاميه سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان سندن مسئلن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون. نمائش تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هن جي هدايتن تي پوليس نيپا چورنگي تي هڪ شاگرد جي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪئي آهي. پوليس ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري انهن سان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ۽ هر صورت تي انصاف ڪيو ويندو. هن چيو ته هتي پوليس ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هئي، انهن کي اختيارن جي غلط استعمال جي اجازت ڪونهي. وڏي وزير چيو ته نوابشاهه ۽ عزيزآباد مان ملندڙ هٿيار ڪنهن به دهشتگرد ڪاروائي لاءِ استعمال ٿي پئي سگهيو. وڏي وزير خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته شهر جون پراڻيون رونقون بحال ٿي رهيون آهن ۽ هتي فرقيواريت هم آهنگي کي هٿي ملي رهي آهي ۽ تفريحي جاين ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو گهمن ٿا. ۽ شهر ۾ پرامن فضا آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جو ماحول ٻيهر پيدا ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڪراچي جي رهواسين کي وڃي ٿو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *