ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ نامزد ملا فضل الله سميت 8 جوابدار اشتهاري قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس جي فرار جوابدارن پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه ملا فضل الله سميت ٻين 8 جوابدارن کي اشتهاري قررا ڏيندي فوري گرفتاري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج بشير احمد کوسو ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پوليس طرفان رپورٽ پيش ڪئي وي جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ايئرپورٽ حملي ڪيس ۾ نامزد پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه ملا فضل الله ۽ ترجمان شاهد الله شاهد سميت 8 جوابدارن جو ڪو پتو ناهي ۽ هو اڃان تائين فرار آهن جڏهن ته رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملا فضل الله ۽ شاهد الله شاهد سهراب ڳوٺ جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ ڪافي عرصي تائين رهيل هئا جڏهن ته هاڻ اتان فرار ٿي چڪا آهن، عدالت پوليس جي رپورٽ جي روشني ۾ ملا فضل الله ۽ شاهد الله شاهد سميت 8 جوابدارن ممتاز اعواڻ، عالم شير، عبدالرشيد صديقي، اختر پلمبر، اقبال ٺيڪيدار ۽ عبدالله بلوچ کي اشتهاري قرار ڏيندي اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *