ڪراچي اسپتال منتقل ڪيل 6 ورهين جي ٻارڙي سميت مٺي ۽ ڏيپلي ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، انگ وڌي 66 ٿي ويو ٿر ۾ علاج جي ڪا به کوٽ ناهي، ٻارڙا بک وگهي نه پيا مرن: وڏو وزير

مٺي/جيڪب آباد (نمائدن وٽان) سنڌ حڪومت ٿرپارڪر جي اسپتالن ۽ دوائن جي خريداري لاءِ 3 ڪروڙ 57 لک 58 هزار رپين جا اضافي فنڊ جاري ڪري ڇڏيا، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ٿر ۾ صدين کان ڏڪار ٿيندو پيو هاڻي ووايلا ڇو پئي ڪئي وڃي، مڪاني چونڊن ۾ عوام پاران رد ڪيل 14 – 15سياستدان پ پ خلاف اتحاد ٺاهي سنڌ سرڪار کي ڪمزرو ڪرڻ چاهين ٿا کين هميشه جيان هن ڀيري به ناڪامي نصيب ٿيندي……آمريڪي سفير ڊيوڊ هل سان گڏ جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ماڻهو ترقياتي ڪمن سميت ٻين سهولتن بدران رڳو امن جي جي گهر ڪندا هئا آرمي چيف ، رينجرس ۽ پوليس جي سهڪار سان امن قائم ڪرايو آهي جنهن جو ڪريڊٽ سنڌ سرڪار ڏانهن وڃي ٿو..وڏي وزير چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٻاهران ماڻهو ملوث آهن جيڪي ٻين صوبن کان هتي اچن ٿا انهن کي روڪڻ لاءِ عوام سيڪوريٽي ادارن سان سهڪار ڪري.ٿر جي صورتحال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي زير سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ۾ صدين کان ڏڪار جي صورتحال ٿيندي آهي پر ان وقت ميڊيا ڇو خاموش هئي جڏهن وڏو وزير ٿر جو رهواسي هو هاڻي 8 سالن کان سنڌ سرڪار خلاف ووايلا ڪئي پئي وڃي ٿر ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جلد اتي بجلي پيدا ٿيڻ جا پراجيڪٽ پڻ ڪم شروع ڪندا. تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته جمس اسپتال مان سنڌ ۽ بلوچستان جي 10 لک مريضن کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون، جيڪب آباد ۾ مٺي پاڻي ۽ ڊرينج جي پراجيڪٽ تي پڻ آمريڪي سهڪار سان ڪم هلي رهيو آهي. تقريب کي ايم اين اي اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، سيڪريٽري هيلٿ سعيد احمد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻئي طرف ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 66 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ هٽڙي واسي گيان ميگهوار جو هڪ ڏينهن جو ٻارڙو، ڏيپلي شهر ۾ پورهيت ابراهيم خاصخلي جي تازي ڄاول ٻارڙي ۽ ڏيپلي جي ڳوٺ ڍاڪو فقير  مان ڪراچي اسپتال منتقل ڪيل 6 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿيڻ کانپوءِ  ٿر ۾ 15 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 66 ٿي ويو آهي. مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو جي سوين ڳوٺن ۾ ڏڪار واري صورتحال هئڻ ڪري ماروئڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. غذايت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب سوين ٻارڙا مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ٻين اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *