ڪراچي آپريشن دوران ثبوتن آڌار ٿيندڙ گرفتارين تي اعتراض قبول ناهن: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته بنا ڪنهن جواز ۽ ڏوهه جي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ٿيون آهن ته ان بابت جاچ ڪرائي ازالو ڪيو ويندو، ڪراچي آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري آهي ۽ رهندو، ڪراچي آپريشن تحت ثبوتن جي آڌار تي ٿيندڙ گرفتارين تي اعتراضن کي تسليم نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. نثار احمد کهڙو چيو آهي ته بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ ووٽر پنهنجو حق استعمال ڪرڻ ۾ آزاد آهن۽عوام جنهن جماعت کي اڪثريتي بنياد تي چونڊيندو ته پوءِ ميئر به ان ئي جماعت جو ٿيندو ۽ اها ئي اڪثريتي جماعت مڪاني حڪومت جوڙيندي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم جون مڪاني چونڊن کان اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون وقت کان اڳ آهن. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ امن امان جي قيام لاءِ رينجرز پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر هوندي جڏهن ته فوج کي پڻ اسٽينڊ باءِ رکيو ويندو ۽ پوليس، ريپڊ ريسپانس فورس هر هنڌ موجود هوندي ته جيئن ڪو به ووٽرس، عملي ۽ ايجنٽن کي حراسان نه ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت شفاف چونڊن تي يقين رکي ٿي ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو جماعتي بنيادن تي ٿيندڙ چونڊن سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *