ڪراچي:گلشن معمار ۾ پوليس مقابلو، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيمن جي چئن دهشتگردن کي مارڻ ۽ سندن قبضي مان هٿيار توڙي بارود هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب اطلاع مليو هو ته گلشن معمار جي علائقي ۾ هڪ گهر اندر ڪجهه ماڻهو تخريبڪاري جو منصوبو جوڙي رهيا آهن جنهن تي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي قيادت ۾ پوليس ٽيم جي ڪارروائي ڪئي. مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 4 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *