ڪراچي:ڊمپر جي ٽڪر ۾ اسڪول ويندڙ ڀاءُ ڀيڻ اجل جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ سـُپر هاءِ وي تي گلشن معمار موڙ وٽ ڊمپر جي ٽڪر ۾ 2 اسڪولي ٻارڙا فوت ٿي ويا. سپر هاءِ وي تي سبزي منڊ ويجهو گلشن معمار موڙ تي تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويل ٻارڙا ڀيڻ ڀاءُ هئا جن جون عمريون 12 کان 13 سال ٻـُڌائي پئي وڃي. امدادي ٽيمن جي اهلڪارن، لاشن کي بنا دير عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور موقعي تي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *