ڪراچي:مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار

ڪراچي (اين اين آءِ) سيشن ڪورٽ مهراڻ ٽائون سانحي ڪيس ۾ فيڪٽري مالڪن سان گڏ لاڳاپيل اداري کي به ذميوار قرار ڏيندي چيو ته لاڳاپيل ادارن کي شامل نه ڪرڻ فوتي ماڻهن سان ناانصافي ٿيندي، اربع تي سيشن ڪورٽ ڄاڻايل ڪيس ۾ جوابدارن جي درخواست ضمانت تي لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته رهائشي پلاٽ تي لاڳاپيل ادارن جي بنا اجازت فيڪٽري قائم ڪئي وئي ليبر کاتي جو هڪ به آفيسر ڪڏهن به دوري لاءِ نه آيو، حادثي ليبر کاتي، ايس بي سي اي، ڪي ايم سي، جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي اهي لکت فيصلو ۾ چيو ويو ته ظاهر ۾ مختلف خاميون ۽ ڪوتاهيون حادثي جو سبب بڻيون اصولن جي خلاف اڏاوت، باهه کان بچاءُ جا انتظام نه هئا. دروازو لاڪ هو ۽ 16 بي ڏوهه ماڻهو فوت ٿي ويا فيڪٽري جو دروازو بند هجڻ اهم سببن ۾ شامل آهي عدالت چيو ته فائر برگيڊ دير سان پهتي. پاڻي جي کوت، سول ڊفينس عملو سيکڙاٽ هو. مالڪن لاڳاپيل ادارن سان رابطا جا خط پيش ڪيا، بدقسمت حادثي کان پوءِ اهڙن رابطن جو ڪوئي فائدو نه آهي فيصلي ۾ چيو ويو ته رهائشي پلاٽ ۾فيڪٽري غيرقانوني طور تي قائم ڪئي وئي ايس بي سي اي رڳو رهائشي مقصدن لاءِ گرائونڊ پلس ون جي منظوري ڏني هي درست آهي، تعزيرات پاڪستان جي قلم 322 ۾ سزا رڳو ديت آهي ثبوت مٽائڻ سميت ٻيا خدشا نه هجن ته ضمانت ڏ.ئي سگهجي پئي پر ظاهر ۾ پراسيڪيوشن وٽ الزام جي دفاع ۾ مناسب ثبوت آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *