ڪراچيءَ ۾ مختلف حادثا، ٻار سميت 5 ڄڻا فوت، 4 زخمي

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ مختلف حادثن ۾ ٻار سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. چيپا مطابق شاهراه فيصل لال ڪوٺيءَ ويجهو تيز رفتاريءَ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنهن ۾ 25 سالن جو سلمان، 23 سالن جو فرهان فوت ٿي ويا جڏهن ته 22 ڄڻن جو طلحه ۽ 25 ورهين جو بشير زخمي ٿي پيا جن کي جناح اسپتال پهچايو ويو. گلشن اقبال 13 ڊي ۾ اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ 12 سالن جو ٻارڙو ياسين پٽ عبدالڪريم فوت ٿي ويو. لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. قذافي ٽائون قائد آباد ايبٽ ڪمپنيءَ ويجهو گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ 45 ورهين جو شخص فوت جڏهن ته 35 ورهين جو نياز نالي شخص زخمي ٿي پيا، جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊفينس فيز 7 ۾ گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ 32 سالن جو خضر صادق زخمي ٿي پيو ۽ اورنگي ٽائون غازي آباد ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي بال لڳڻ سبب 22 ورهين جو ذيشان فوت ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *