ڪراچيءَ ۾ فائرنگ ۽ تشدد جي واقعن ۾ پوليس اهلڪار سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ محرم الحرام جي ڪري سخت سيڪيورٽي جي باوجود ٽارگيٽ ڪلرز خميس تي به نه مڙيا فائرنگ ۽ تشدد جي واقعي ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ ۽ دستي بم حملي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا تفصيل موجب عزيزڀٽي ٿاڻي جي حد گلشن اقبال نيپا چورنگي ويجهو نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار اي ايس آءِ قلندربخش ولد مهراب بخش مارجي ويو جڏهن ته اي ايس آءِ سرتاج ولد الله بخش سخت زخمي ٿي پيو مقتول پوليس اهلڪار گلشن اقبال ٿاڻي ۾ مقرر هو امام بارگاهه تي ڊيوٽي ڏيئي واپس اچي رهيو هو فيروز آباد ٿاڻي جي حد ۾ شاهراهه قائدين تي الله والي چورنگي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪار ۾ سوار شخص سخت زخمي ٿي پيو فائرنگ سان علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ روڊ تي ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون واردات کان پوءِ جوابدار ڀڄي ويا. ڪار سوار کي سخت زخمي حالت ۾ جناح اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي تي ئي فوت ٿي ويو اسپتال ۾ مقتول جي سڃاڻپ محبوب علي ولد قاسم علي جي نالي سان ٿي آهي جيڪو پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 3 ۾ صائمه گارڊن جو رهواسي ۽ ايم اي جناح روڊ تي تبت سينٽر ويجهو حمزه ٽريڊز جي نالي سان ان جو دڪان آهي. سولجر بازار ٿاڻي جي حد گارڊن جي علائقي ۾ نشتر روڊ تي پاڪستان ڪوارٽر ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مرتضي ولد محمد صادق سخت زخمي ٿي پيو جنهن زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ۾ دم ڏنو. شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾پيربخش ڳوٺ ۾ بجلي جي گرڊ اسٽيشن ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور محمد جاويد ولد محمد سليم سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي جناح اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. پيرآباد ٿاڻي جي حد قصبا اسلاميه ڪالوني ۾ نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ سان جان محمد مارجي ويو. فيريئر جي علائقي ريلوي ڪالوني ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ عورت شميم بيبي زخمي ٿي پيو ارونگي جي علائقي نمبر 3 ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نورمحمد زخمي ٿي پيو. زمان ٽائون جي علائقي ڪورنگي اڍائي نمبر تي رڪشي تي فائرنگ ۾ ڊرائيور عبدالرئوف ولد عبدالغفور زخمي ٿي پيو محمود آباد جي علائقي اعظم بستي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ڪاشف ولد ياسين زخمي ٿي پيو سمورن زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *