ڪراچيءَ ۾ فائرنگ جا واقعا، پيءُ ۽ پٽن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، 2 لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا جڏهن ته هڪ ڄڻو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن باوجود لاش ملڻ ۽ فائرنگ جي واقعن جو سلسلو جاري آهي. گلشن اقبال جي ڪنيز فاطمه قبرستان ۽ نيو ڪراچي ٿاڻي جي حد مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا. هٿ آيل لاشن جي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ پوليس اسپتالن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سهراب ڳوٺ جي انڊسپلازه ويجهو گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل واپاري مختيار احمد زخمن جا سور نه سهندي عباسي شهيد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي جي واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا به شامل آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي. فائرنگ جو پهريو ن واقعو ملير 15 جي علائقي ۾ پيش آيو جتي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ پيءُ ۽ سنس 2 پٽ شامل آهن جڏهن ته اهلسنت جي ترجمان موجب ٽنهي جو تعلق سندن پارٽي سان آهي. لياقت آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جنهن جو لاش ڀرپاسي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *